زبور 79:4 - Muslim Sindhi Bible4 آسپاس جي غير قومن اڳيان اسين طعنن جو نشانو بڻيا آهيون، هائو، هو اسان جو حال ڏسي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 اسان جا پاڙيسري اسان کي طعنا ٿا هڻن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس آهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘
تنهنڪري تون اڳڪٿي ڪندي انهن جبلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي بني اسرائيل جي ملڪ جا جبلؤ! آسپاس وارين قومن جيڪي جنگ جي تباهيءَ کان بچي ويون هيون، تن اوهان تي قبضو ڪري هر طرف کان اوهان کي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوهان کي ويران ڪيو اٿائون. انهيءَ ڪري ماڻهو هر هنڌ اوهان بابت گھٽ وڌ ڳالهائين پيا ۽ اوهان تي کل ٺٺولي ڪئي ٿي وڃي.