Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 78:72 - Muslim Sindhi Bible

72 سو دائود پنهنجي دل جي سچائيءَ سان سندن نگهباني ڪئي. هن پنهنجي مهارت ۽ هوشياريءَ سان سندن رهبري ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

72 سو هن پنهنجي دل جي سچائيءَ موجب انهن جي نگهباني ڪئي؛ ۽ پنهنجي هٿ جي هوشياريءَ سان سندن رهبري ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 78:72
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪئي. هو پنهنجي سڄي رعيت سان عدل ۽ انصاف ڪندو هو.


ڇاڪاڻ تہ دائود اهي ڪم ڪيا هئا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. اورياہ حتيءَ جي ڳالهہ کان سواءِ هو پنهنجي سڄي عمر ۾ خداوند جي ڏنل ڪنهن بہ حڪم کان نہ ڦريو هو.


جڏهن سڄي بني اسرائيل بادشاهہ جو اهو فيصلو ٻڌو تڏهن هو سندس بيحد تعظيم ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي دانائي آهي.


باقي رهين تون، سو جيڪڏهن تون پنهنجي پيءُ دائود وانگر پنهنجي دل جي خلوص ۽ سچائيءَ سان منهنجي فرمانبرداري ڪندين ۽ منهنجي حڪمن تي هلندي منهنجي قاعدن قانونن جي تعميل ڪندين،


خدا ٿو فرمائي تہ ”آءٌ پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي، هر ڪنهن جو سچائيءَ سان انصاف ڪندس.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن جي خلاف اڳڪٿي ڪر. کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي اڳواڻؤ! ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بني اسرائيل لاءِ ڌنار مثل آهيو. اوهين رڳو پنهنجا پيٽ ٿا پاليو، جڏهن تہ ڌنارن جو ڪم رڍن ٻڪرين جو پيٽ پالڻ ۽ سنڀال ڪرڻ آهي.


پوءِ خدا هن کي هٽائي دائود کي انهن جو بادشاهہ مقرر ڪيو. خدا هن بابت هيئن چيو تہ ’مون يسيءَ جي پٽ دائود کي ڳولي ورتو آهي، جيڪو منهنجي دلي خواهش موجب آهي. هو هميشہ منهنجي مرضيءَ تي هلندو.‘


خدا پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.


پنهنجو پاڻ کي خدا وٽ وڻندڙ يعني اهڙي محنتيءَ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جنهن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو پيغام صحيح نموني ۾ استعمال ڪندڙ هجي.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ