تنهن هوندي بہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا، منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي مان مون کي چونڊيو تہ جيئن آءٌ هميشہ تائين بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪريان. پهريائين هن يهوداہ قبيلي کي اڳواڻ طور چونڊيو، پوءِ يهوداہ جي گھراڻن مان منهنجي پيءُ جي گھراڻي کي چونڊيائين ۽ ان سڄي گھراڻي مان هن بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪرڻ لاءِ مون کي چونڊيو.