Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 78:61 - Muslim Sindhi Bible

61 پوءِ هن پنهنجي عهد واري صندوق کي دشمنن جي هٿن ۾ وڃڻ ڏنو، جيڪا سندس طاقت ۽ عظمت جي نشاني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

61 هن پنهنجيءَ طاقت کي قيد ۾، ۽ پنهنجي جلال کي دشمن جي هٿ ۾ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 78:61
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ اي خداوند خدا! تون پنهنجي قدرت واري نشان يعني عهد واري صندوق سميت، پنهنجي آرام‌گاهہ ۾ هلي اچ. اي خداوند خدا! شل تنهنجا ڪاهن سچائيءَ جي برڪت سان ڀرپور رهن. شل تنهنجا نيڪ بندا تنهنجي ڀلائيءَ جي ڪري خوشيون ملهائين.


سو هاڻ اُٿ، اي خداوند! پنهنجي نئين آرام‌گاهہ ۾ هل، پنهنجي قدرت واري صندوق سان انهيءَ هيڪل ۾ داخل ٿيءُ.


اي هيڪل جا دروازؤ! اوهين پنهنجا سردر مٿي ڪريو. هائو، اي قديم دروازؤ! اوهين بلڪل اوچا ٿيو، تان‌تہ جلال وارو بادشاهہ اندر اچي.


ڪاش! آءٌ مقدس خيمي ۾ اچي تو لاءِ واجھايان، تان‌تہ آءٌ تنهنجي قدرت ۽ تنهنجو جلوو ڏسان.


تڏهن ڪڪر خدا سان ملاقات واري خيمي کي ڍڪي ڇڏيو ۽ اهو مقدس خيمو خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويو.


اتي بني دان پنهنجي لاءِ اُهو بت کوڙي ڇڏيو ۽ پوءِ جيستائين اهو ملڪ جلاوطنيءَ وقت ٻين جي قبضي ۾ آيو تيستائين جيرشوم جو پٽ يعني موسيٰ جو پوٽو يونتن ۽ سندس اولاد دان قبيلي جا ڪاهن ٿي رهيا.


تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ٻڌايس تہ ”بني اسرائيل فلستين جي هٿان شڪست کاڌي ۽ ماڻهن ۾ تمام گھڻي خونريزي ٿي آهي. تنهنجا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس بہ مارجي ويا آهن ۽ خدا جي عهد واري صندوق بہ کسجي ويئي آهي.“


هن پنهنجي پٽ جو نالو يڪبود يعني ”بني اسرائيل مان حشمت هلي ويئي“ رکيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي عهد واري صندوق کسجي ويئي هئي ۽ سندس سهرو ۽ مڙس بہ مارجي ويا هئا.


سو جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کي فلستين جي ملڪ ۾ رهندي ست مهينا گذريا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ