Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 78:52 - Muslim Sindhi Bible

52 پوءِ هو پنهنجي قوم کي مصر مان رڍن وانگر وٺي هليو، ۽ جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي رهبري ڪري ٿو، تيئن بيابان ۾ هن سندن رهنمائي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

52 هو پنهنجي اُمت کي رڍن وانگي وٺي هليو، ۽ بيابان ۾ ڌڻ وانگيان سندن رهبري ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 78:52
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀي سان سندن رهنمائي ڪئي، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀي سان، تہ جيئن جنهن رستي سان انهن کي هلڻو هو، تنهن تي کين روشني ملي.


اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند ئي خدا آهي. هن ئي اسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسين هن جا ئي آهيون. هائو، اسين سندس چونڊيل قوم، ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


پوءِ خدا بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آيو، هو اتان سون ۽ چاندي بہ پاڻ سان کنيو آيا، سندن قبيلن مان ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي ڪا ٺوڪر بہ نہ پهتي.


جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي رهبري ڪري ٿو، تيئن تو موسيٰ ۽ هارون جي وسيلي پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي آهي.


هو ئي تہ اسان جو خدا آهي. اسين سندس رڍن جي ڌڻ مثل آهيون، جن جي هو پنهنجي چراگاهہ ۾ سار سنڀال لهي ٿو. هاڻي اڄوڪي ڏينهن اوهين پنهنجو ڪن ڏيئي خدا جو هي پيغام ٻڌو تہ


هو ڌنار وانگر پنهنجي ڌڻ جي سار سنڀال لهندو. هو گھيٽڙن کي گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو. انهن جي کير پيئاريندڙ مائرن کي هو آهستي آهستي پاڻ سان وٺي هلندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ