انهيءَ ئي رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگھندس ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ ماڻهن جا پهريتا پٽ يا جانورن جا پهريتا نر ٻچا هوندا، تن سڀني کي ماري ڇڏيندس. مصر جي سڀني معبودن کي بہ سزا ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.
جڏهن فرعون جي دل سخت هئي ۽ هن اسان کي وڃڻ نہ ٿي ڏنو، تڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ ماڻهن توڙي چوپائي مال جي سڀني پهريتن نر ٻچن کي ماري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو اسين چوپائي مال جي پهريتن نر ٻچن کي قربان ڪريون ٿا. پر پنهنجن پهريتن پٽن جي بدران عيوضو ڏيون ٿا.
ايمان جي ڪري ئي هن عيد فصح قائم ڪئي، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي قرباني ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي.