Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 78:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هن بني يعقوب لاءِ پنهنجا قاعدا مقرر ڪيا آهن، هائو، بني اسرائيل ۾ پنهنجي شريعت قائم ڪئي اٿائين. هن اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايو تہ ”اهي ڳالهيون پنهنجي اولاد کي سيکارجو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو هن يعقوب ۾ هڪڙي شاهدي قائم ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۾ شريعت مقرر ڪئي اٿس، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايائين تہ اوهين پنهنجي اولاد کي اهي ڳالهيون سيکارجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 78:5
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نہ، مون ابراهيم کي چونڊيو ئي انهيءَ لاءِ آهي تہ هو پنهنجي پٽن ۽ پنهنجيءَ اولاد کي حڪم ڪري تہ اهي منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ حق سچ تي هلن. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا تہ آءٌ ابراهيم لاءِ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس جنهن جو مون ساڻس واعدو ڪيو آهي.“


گھڻي وقت کان ئي مون تنهنجي شريعت بابت سمجھي ڇڏيو آهي، تہ تو انهيءَ کي هميشہ هميشہ لاءِ قائم ڪيو آهي.


هن بني يعقوب کي پنهنجو فرمان عطا ڪيو آهي، هائو، بني اسرائيل تي پنهنجا قاعدا قانون پڌرا ڪيا اٿس.


خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جيڪا جان کي تازگي ڏئي ٿي. هن جا حڪم ڀروسي جهڙا آهن، جيڪي نادانن کي بہ دانائي ٿا بخشن.


خدا اهو ئي بني اسرائيل کي فرمايو هو، جڏهن مصر جي ملڪ تي آفتون نازل ڪيون هئائين. مون هڪڙو اهڙو آواز ٻڌو، جيڪو مون کي اڳ ٻڌڻ ۾ نہ آيو هو ۽ ان چيو تہ


تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’هيءَ خداوند واسطي فصح جي قرباني آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مصر ۾ مصرين کي ماريندي وقت اسان بني اسرائيل جي گھرن وٽان لنگھي ويو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين.‘“ تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن زمين تي جھڪي خداوند آڏو سجدو ڪيو.


عهد واريون ٻئي تختيون جيڪي آءٌ تو کي ڏيندس سي تون انهيءَ صندوق ۾ رکج.


تون عهد واريون ٻئي تختيون، جيڪي آءٌ تو کي ڏيندس سي انهيءَ صندوق ۾ رکج ۽ رحمت جو اهو پوش صندوق جي مٿان رکج.


پوءِ موسيٰ خداوند جي حڪم مطابق عهد واريون تختيون کڻي صندوق ۾ وڌيون. هن ٻانهيون صندوق جي ڪڙن ۾ وڌيون ۽ صندوق جي مٿان رحمت جو پوش رکيائين.


انهيءَ خيمي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق رکائج ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏج.


جيئرا، هائو، جيئرا ئي تنهنجي واکاڻ ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان. هر پيڙهي پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي وفا جا ڪم بيان ڪري ٻڌائيندي.


تڏهن اوهين کين تاڪيد ڪندي چئجو تہ ”هرگز نہ، بلڪ رڳو خدا جي شريعت ۽ هدايت تي عمل ڪريو.“ يقيناً جيڪي مئلن جي باري ۾ ڳالهيون ڪن ٿا، تن لاءِ صبح نہ ٿيندو.


هائو، هر طرح جو فائدو آهي. خاص طور هي فائدو آهي جو خدا جا قول کين ئي سونپيا ويا آهن.


اي پيئرؤ! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند عيسيٰ کي پسند هجي.


اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکارجو، گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهجو.


اهڙيءَ طرح اوهان جو اولاد، جن کي هن شريعت جي باري ۾ ڄاڻ ڪانہ هجي، سي بہ ٻڌن ۽ خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکندي انهيءَ تي عمل ڪرڻ سکن، جيستائين اوهان جو نسل انهيءَ ملڪ ۾ زندگي گذاريندو رهي، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار وڃڻ وارا آهيو.“


تڏهن کين چيائين تہ ”جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڏني آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل سان لائجو. انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن.


هي ئي اهي حڪم ۽ قاعدا قانون آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ کين ٻڌايا.


اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکاريو. گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ