23 تنهن هوندي بہ هن ڪڪرن کي حڪم ڏنو، ۽ آسمان جا دروازا کولي،
23 تڏهن بہ هن مٿان ڪڪرن کي حڪم ڏنو، ۽ آسمان جا در کوليائين؛
جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ تي ڌرتيءَ جي هيٺان چشما ڦٽي نڪتا ۽ آسمان جون دريون کُلي پيون.
تنهن تي بادشاهہ جي انهيءَ ذاتي خدمتگار کيس وراڻيو هو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي بہ ڇڏي تڏهن بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تڏهن اليشع کيس ورندي ڏني هئي تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“
تنهن تي بادشاهہ جي ماڻهوءَ خدا جي بندي کي چيو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي ڇڏي تہ بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تنهن تي اليشع کيس وراڻيو تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“
بيشڪ جيئن ئي هن فرمايو تيئن دنيا پيدا ٿي پيئي، هائو، هن جي حڪم ڏيڻ سان ڌرتي وجود ۾ اچي ويئي.
آءٌ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيندس، نہ انهيءَ جي ڇانگ ٿيندي ۽ نہ گُڏ ڪئي ويندي، بلڪ انهيءَ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ٿيندا. آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ مٿس مينهن نہ وسائين.“
اوهين ڪمائيءَ جو پورو ڏهون حصو هيڪل جي گودام ۾ آڻيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي گھر ۾ کاڌو پيتو هجي. ائين ڪرڻ سان اوهين ڏسندا تہ آءٌ ڪيئن نہ آسمان جون دريون کولي اوهان تي برڪت وسايان ٿو يا نہ، اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.