18 هنن بلڪل سوچي سمجھي خدا کي آزمايو هو، هائو، جڏهن انهن پنهنجي خواهش موجب کاڌو گھريو هو.
18 انهن پنهنجي دل ۾ خدا کي آزمايو، ڇو تہ پنهنجي خواهش موجب کاڌو گهريائون.
هائو، اتي اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي آزمايو هو. جڏهن تہ هنن منهنجا عجيب ڪم ڏٺا هئا، پر پوءِ بہ منهنجو امتحان ورتائون.
تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي پاڻي ڏي تہ پيئون.“ تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ”اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو؟ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟“
انهيءَ سبب هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا ۽ ائين چئي خداوند کي آزمايو هئائون تہ ”ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟“
انهن ۾ جيڪي بدمعاش ماڻهو گڏيل هئا، سي گوشت کائڻ جون اجايون سڌون ڪرڻ لڳا. انهيءَ ڪري بني اسرائيل وري بہ روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟
هي واقعا اسان جي لاءِ سبق بڻيا تہ جيئن اسين ڪابہ بري نموني واري خواهش نہ ڪريون، جهڙيءَ طرح انهن ٿي ڪئي.
نڪي اسان کي مسيح کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن آزمايو ۽ نانگن کين ڏنگي چٽ ڪري ڇڏيو.
اوهين خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزمائجو، جيئن اوهان کيس مساہ ۾ آزمايو هو.