Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 78:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هن سمنڊ کي چيري انهيءَ ۾ رستو ٺاهيو، ۽ پاڻيءَ کي بلڪل ڀت جيان بيهاري کين پار ٽپائي آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 هن سمنڊ کي چيري انهن کي پار لنگهايو: ۽ پاڻيءَ کي ڍڳ ڪري بيهاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 78:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجو بدن بخار ۾ ٻرندو پيو رهي. آہ! منهنجي جسم مان صحت موڪلائي ويئي آهي!


هن سمنڊ کي ڦيرائي سڪي زمين ڪري ڇڏيو هو، ۽ درياءَ کي پڻ، تہ جيئن اسان جا ابا ڏاڏا انهيءَ مان پيادل لنگھي وڃن. اچو تہ سندس انهن ڪمن جي ڪري اسين خوشيون ملهايون.


موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو تہ خداوند سڄي رات اوڀر جو تيز واءُ گھلايو ۽ سمنڊ کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ايتري قدر جو اهو سڪي زمين ٿي پيو ۽ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.


بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. هنن جي ٻنهي پاسن کان پاڻي ڀت وانگر ٿي پيو.


پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو ۽ پاڻي هنن جي ٻنهي پاسن کان ڀت وانگر بيٺو هو.


تنهنجي قهر واري ڦوڪ سان پاڻي ڍڳن مٿان ڍڳ ٿيو، ۽ اهو وهندڙ پاڻي ڀت جيان بيهي رهيو. هائو، سمنڊ جي وچ ۾ اونهو پاڻي ڄمي بيهي رهيو.


هائو، ڪٿي آهي اهو خداوند، جنهن جي جلالي قدرت موسيٰ سان گڏ هلندي رهي، ۽ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ سندن اڳيان سمنڊ جي پاڻيءَ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو؟


هو انهن کي اونهن پاڻين مان ائين وٺي هليو، جيئن ڪو گھوڙو بنا ڪنهن ٺوڪر کائڻ جي سڌي ميدان تي هلي ٿو.


تو پنهنجي گھوڙن سان سمنڊ کي لتاڙيو هو، هيڏي وڏي پاڻيءَ کي ولوڙيندو لنگھي ويو هئين.


جنهن وقت سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهنن جا پير اردن درياءَ جي پاڻيءَ ۾ لڳندا انهيءَ ئي وقت اردن درياءَ جي پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويندو ۽ پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي بيهي رهندو.“


تيئن ئي مٿان ايندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو. گھڻو پري ادم شهر وٽ، جيڪو ضرتان جي ڀرسان آهي، پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي مٿي چڙهڻ لڳو، جڏهن تہ آرباہ جي سمنڊ يعني کاري سمنڊ ڏانهن وهندڙ پاڻي ڇڄي ڌار ٿي پيو. عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهن اردن درياءَ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي ايتري تائين ڄمي بيهي رهيا جيتري تائين سڄي قوم اردن درياءَ منجھان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار نہ ٿي. سو بني اسرائيل يريحو شهر جي سامهون لنگھي پار ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ