Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 78:12 - Muslim Sindhi Bible

12 مصر ملڪ جي ضعن علائقي ۾، هن اسان جي ابن ڏاڏن جي روبرو عجيب وَ غريب ڪم ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 هن مصر جي ملڪ ۾ ضعن جي علائقي ۾ سندن ابن ڏاڏن جي روبرو عجيب ڪم ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 78:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب پاڻ کان اڳ ۾ پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن سعير علائقي يعني ادوم ملڪ ۾ قاصد موڪليا.


اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري ٿيو جو اسرائيل وارن خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو، جنهن خدا هنن کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿن مان ڪڍي ٻاهر آندو. هنن غير معبودن جي پوڄا ڪئي


تو فرعون، سندس عملدارن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن خلاف معجزا ۽ عجب جهڙا ڪم ڪري ڏيکاريا، ڇاڪاڻ تہ تو کي خبر هئي تہ مصري انهن سان مغروريءَ سان پيش ايندا هئا. تو پنهنجو نالو مشهور ڪيو، جيڪو اڄوڪي ڏينهن تائين مشهور آهي.


جيتوڻيڪ خدا مصر ملڪ ۾ هنن لاءِ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا، ۽ ڳاڙهي سمنڊ تي پڻ سندن لاءِ هيبتناڪ ڪم ڪيائين، تنهن هوندي بہ هنن کيس وساري ڇڏيو.


اي مصر! تو منجھہ فرعون ۽ ان جي سڀني عملدارن تي هن ڪيڏا نہ وڏا معجزا ۽ عجيب ڪم ظاهر ڪيا.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تو کي معلوم هئڻ گھرجي تہ مون تو کي فرعون جي لاءِ ڄڻ تہ خدا ڪيو آهي ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون تنهنجو پيغمبر ٿيندو.


مصر جي شهر ضُعن جا اڳواڻ بلڪل بي‌وقوف آهن. فرعون جي سڀني کان عقلمند مشيرن جي صلاح بہ احمقانہ ليکجي ٿي، پوءِ بہ اهي پنهنجي لاءِ چون ٿا تہ ”اسين ڏاهن جو اولاد ۽ شاهاڻي نسل مان آهيون.“


ضُعن شهر جا اڳواڻ بي‌وقوف ٿي پيا آهن، نوف شهر جا شاهي عملدار ٺڳجي ويا آهن. هائو، جن تي مصري قبيلن کي ڀروسو هو، تن ئي کين گمراهہ ڪيو آهي.


پهريائين هو ملڪ جي ڏاکڻي پاسي کان ٿيندا حبرون ۾ آيا جتي عناق جو اولاد يعني احيمن، شيشي ۽ تلمي رهندا هئا. حبرون، مصر جي شهر صعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.


ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.


خداوند اسان جي اکين اڳيان مصرين، فرعون ۽ سندس سڄي حويليءَ جي خلاف وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ۽ معجزا ڪري ڏيکاريا.


هنن وراڻيس تہ ”اسين تنهنجا ٻانها ڏورانهين ملڪ کان خداوند اوهان جي خدا جي هاڪ ٻڌي آيا آهيون. اسان اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو آهي جيڪو اوهان جي خدا مصر جي ملڪ ۾ ڪيو هو


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ