11 خدا جيڪي ڪم ڪيا هئا سي بہ هنن وساري ڇڏيا، هائو، انهن معجزن کي بہ جيڪي هن کين ڏيکاريا هئا.
11 ۽ اُهي ڪم ۽ معجزا جي هن انهن کي ڏيکاريا هئا، سي وساري ڇڏيائون.
پر پوءِ جلد ئي هو سندس انهن ڪمن کي وساري ويٺا، ۽ خداوند جي مرضيءَ کان منهن موڙي ڇڏيائون.
تڏهن ئي اهي پنهنجو ڀروسو خدا تي رکندا، ۽ سندس ڪمن کي نہ وساريندا، بلڪ سندس حڪمن تي عمل ڪندا رهندا.
ڀلا ڪا ڪنواري پنهنجا زيور يا ڪا ڪنوار پنهنجي سهاڳ جو جوڙو وساري ڇڏيندي آهي؟ پر منهنجي قوم بيشمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.
هو انهيءَ محافظ کان غافل ٿي ويا جنهن کين پيدا ڪيو هو، هائو، هنن خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين خلقيو هو.