9 ڇا خدا رحم ڪرڻ وساري ڇڏيو آهي؟ ڇا هن غصي وچان پنهنجيءَ ٻاجھہ کي روڪي ڇڏيو آهي؟
9 خدا رحم ڪرڻ ڀلجي ويو آهي ڇا؟ هن غصي ۾ پنهنجي ٻاجهہ کي روڪي ڇڏيو آهي ڇا؟
اي خداوند! تون پنهنجيون رحمتون ۽ شفقتون ياد ڪر، جيڪي تون ازل کان ڏيکاريندو رهيو آهين.
اي خداوند! تون مون تان پنهنجي رحم جي نظر نہ هٽاءِ. تنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا هر دم منهنجي حفاظت پيون ڪن.
اي خدا! پنهنجي دائمي شفقت سبب مون تي پنهنجو رحم ڪر. تون پنهنجي گھڻي رحم سبب منهنجو هر گناهہ مِٽائي ڇڏ.
تنهنڪري اي بني يعقوب! اوهين ڇو شڪايت ٿا ڪريو؟ هائو، اي بني اسرائيل! اوهين ڇو اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تہ خدا اوهان جي تڪليفن کي نہ ٿو ڄاڻي، يا هو اوهان سان ٿيندڙ ناانصافيءَ ۾ اوهان جي سار سنڀال نہ ٿو لهي؟
اي خداوند! عرش عظيم تان اسان تي نگاهہ ڪر. هائو، پنهنجي پاڪ ۽ عظمت واري جاءِ مان ڏس. اسان لاءِ تنهنجي غيرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي قدرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي دلي محبت ۽ شفقت ڪٿي آهي؟ انهن کي تو اسان کان ڇو روڪي رکيو آهي؟
خدا انسان ناهي جو ڪوڙ ڳالهائي، هو آدمزاد ناهي جو پنهنجو ارادو بدلائي. هو جيڪي بہ چوندو آهي سو پورو ڪين ڪندو آهي ڇا؟ هائو، هو جيڪي بہ فرمائيندو آهي سو ضرور ٿيندو آهي.
مطلب تہ خدا سڀني انسانن کي نافرمانيءَ واري ڦندي ۾ ڦاسڻ ڏنو آهي، تہ جيئن هو سڀني تي رحم ڪري.
جيڪڏهن ڪنهن وٽ دنيا جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟