Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 77:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ڇا سندس دائمي شفقت اسان تان هميشہ لاءِ هلي ويئي آهي؟ ڇا هن پنهنجو واعدو سدا لاءِ اسان کان ٽوڙي ڇڏيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 هن جو رحم هميشہ جي لاءِ هليو ويو آهي ڇا؟ هن جو قول اقرار هميشہ جي لاءِ باطل رهندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 77:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ اسان سڀني کي ضرور مرڻو آهي ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ وانگر آهيون جيڪو زمين تي هاريو ويو هجي ۽ وري گڏ ٿي نہ سگھي. سو ڪنهن جي حياتيءَ کي ختم ڪرڻ کان اڳ خدا اهڙا اپاءَ ٿو وٺي تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ جي لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


ڪيستائين آءٌ پنهنجيءَ دل ۾ غم کائيندو وتندس؟ ڪيستائين آءٌ رات ڏينهن روح ۾ رنجيدو رهندس؟ آخر ڪيستائين منهنجو دشمن مون تي سوڀارو رهندو؟


اي خدا! تو هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ اسين جيڪي تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، تن تي تنهنجو ناراضپو ڇو آهي؟


ڇا تون اسان کي نئين سر جيئرو نہ ڪندين؟ تان‌تہ تنهنجي ڪري تنهنجي قوم خوشيون ڪري.


جڏهن وڻن جا اهي ڏار سڪي سڙي ڀڄي پون ٿا، تڏهن عورتون انهن کي ميڙي ٻارڻ جي ڪم ٿيون آڻين. پر هيءَ قوم انهن ڳالهين کي سمجھي ئي ڪونہ ٿي، تنهنڪري سندن خالق مٿن ڪو رحم نہ ٿو ڪري. هائو، سندن جوڙيندڙ مٿن مهربان نہ ٿو ٿئي.


ڇو منهنجو ڏک سور ختم ئي نہ ٿو ٿئي هائو، منهنجي دل جو زخم سخت ۽ لاعلاج ڇو آهي؟ ڇا تون منهنجي لاءِ انهيءَ فريب ڏيندڙ نهر وانگر ٿيندين، جنهن وٽ آءٌ اڃ اجھائڻ لاءِ اچان، پر منجھس پاڻي ئي نہ ڏسان؟“


انهن ڏينهن جي شمار مطابق جن ۾ اوهان انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪيو هو، يعني چاليهن ڏينهن مان هر هڪ ڏينهن جي لاءِ هڪ سال يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندا. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ منهنجو اوهان جي خلاف ٿيڻ ڇا آهي.‘


خدا انسان ناهي جو ڪوڙ ڳالهائي، هو آدمزاد ناهي جو پنهنجو ارادو بدلائي. هو جيڪي بہ چوندو آهي سو پورو ڪين ڪندو آهي ڇا؟ هائو، هو جيڪي بہ فرمائيندو آهي سو ضرور ٿيندو آهي.


هاڻ جيڪڏهن اهي ڇوٽڪارو حاصل نہ ٿا ڪن تہ پوءِ خدا جو انهن سان ڪيل واعدو ڪوڙو ثابت ٿيو ڇا؟ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بني اسرائيل قوم ۾ پيدا ٿيا آهن، تن مان سڀ حقيقي بني اسرائيل وارا نہ آهن


خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جهڙي دير ڪي ماڻهو سمجھن ٿا. پر هو اوهان جي خاطر صبر ڪري ٿو، انهيءَ ڪري جو هو نہ ٿو چاهي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ هو چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ‌تائب ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ