7 ڇا ڌڻي اسان کي هميشہ جي لاءِ رد ڪري ڇڏيندو؟ ڇا هو اسان تي وري ڪڏهن بہ مهربان نہ ٿيندو؟
7 خداوند مون کي هميشہ جي لاءِ رد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ وري مون تي مهربان ڪين ٿيندو ڇا؟
توڙي جو اهو ماڻهو ٿاٻڙجي بہ پوي، تڏهن بہ اهو ڪرندو ڪونہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي هٿ ڏيئي سنڀالي ٿو وٺي.
اوهين شريعت مطابق پنهنجيون قربانيون پيش ڪريو، ۽ پنهنجي خداوند تي توڪل رکو.
پر هاڻي جيئن تہ تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ اسان جي لشڪرن سان گڏ ڪين ٿو هلين، سو اسين شڪست کائي خوار خراب ٿي ويا آهيون.
اي خدا! تو هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ اسين جيڪي تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، تن تي تنهنجو ناراضپو ڇو آهي؟
ائين ڪيستائين رهندو، اي خداوند! ڇا تون هميشہ ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجي اها غيرت باهہ وانگر پيئي ڀڙڪندي رهندي؟
اي خداوند! تون اڳي پنهنجي ملڪ تي مهربان رهيو آهين. هائو، تو بني اسرائيل کي خوشحالي موٽائي ڏني هئي.
ڇا تون هميشہ تائين اسان سان ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجو غصو پيڙهي بہ پيڙهي جاري رهندو؟
پر اي خداوند! ڏس، هاڻي تون پنهنجي مسح ڪيل تي ڏاڍو ڪاوڙيو آهين. تو پنهنجي انهيءَ مخصوص ڪيل بادشاهہ کي رد ڪيو آهي، ۽ کيس ڇڏي ڏنو اٿيئي.
اي خداوند! ڪيستائين، ڇا ابد تائين منهن موڙي ڇڏيندين؟ تون ڪيستائين پنهنجي غضب کي باهہ جيان ڀڙڪائيندو رهندين؟