Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 77:3 - Muslim Sindhi Bible

3 توڙي جو آءٌ خدا کي ياد ڪري سوچ ويچار ڪريان ٿو، تڏهن بہ آءٌ آهون ڀريان ٿو ۽ ماندو ٿيو پوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 آءٌ خدا کي ياد پيو ڪريان پر ڏکي آهيان: آءٌ دانهون پيو ڪريان پر منهنجو روح غم ۾ ٻڏيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 77:3
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سندس سمورا پٽ ۽ ڌيئر چپ ڪرائڻ لاءِ آٿت ڏيڻ لڳس پر کيس آٿت نہ ٿي آئي. هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ روئندو پٽيندو پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس.“ اهڙيءَ طرح هو يوسف جي لاءِ روئندو رهيو.


خدا جو دلاسو تنهنجي نظر ۾ ڇو بلڪل خسيس آهي؟ ۽ اهي ڳالهيون پڻ، جيڪي تو سان نرميءَ سان ڪيون وڃن ٿيون؟


جيئن تہ آءٌ خدا کان بيحد ڊنس ٿي تہ متان هو مون تي ڪا آفت نازل ڪري، تنهنڪري سندس جلال جي اڳيان ائين ڪرڻ جي مون ۾ همت نہ هئي.“


قادرِمطلق خدا مصيبتن جا تير منهنجي اندر ۾ چڀائي ڇڏيا آهن، جن جو زهر منهنجي پوريءَ جان ۾ ڦهلجي ويو آهي. هائو، خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي خلاف صفون ٻڌي ٿيون بيهن.


”تنهنڪري آءٌ پنهنجي زبان کي ڪين روڪيندس، بلڪ آءٌ پنهنجي روح جي رنج مان ڳالهائيندس، آءٌ پنهنجي جان جي عذاب ڪري خدا سان شڪايت ڪندس:


پر مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بي‌قراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.


پر مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بي‌قراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.


هاڻ مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بي‌قراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.


اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“


ڌرتيءَ جي ڇيڙي تي آءٌ ڏاڍو دلگير ٿي پيو آهيان، اتان آءٌ تو کي پڪاريان ٿو. تون مون کي انهيءَ مٿاهين ٽڪر تي پناهہ ڏي، جيڪو منهنجي پهچ کان مٿي آهي.


رات جي وقت جڏهن آءٌ پنهنجي پلنگ تي ليٽيل هئس، تہ مون کي پنهنجي محبوب جي ياد ڏاڍو ستايو. تڏهن مون اُٿي ڪري انهيءَ کي ڏاڍو ڳوليو، پر هو نہ مليو.


اي خداوند! مصيبت جي وقت اسين تنهنجا تابعدار بڻياسين. هائو، جڏهن تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني، تڏهن اسان تو آڏو اچي ٻاڏايو.


مصيبت جي ڏينهن تون ئي تہ منهنجي پناهہ آهين، سو تون منهنجي لاءِ دهشت جو سبب نہ بڻج،


هاڻ مون کي امن وَ سلامتي جي ڪا اميد نہ رهي آهي، ۽ مون کان وسري ويو آهي تہ خوشحالي ڇا ٿيندي آهي.


هاڻ جڏهن تہ اسان جي جيئري ئي اسان کي پنهنجي گناهن جي سزا ملي ٿي، تہ پوءِ ڇو اسين شڪايت ڪريون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ