Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 77:2 - Muslim Sindhi Bible

2 مصيبت وارن ڏينهن ۾ آءٌ ڌڻيءَ جي طلب ۾ رهان ٿو. سڄي رات منهنجا هٿ ڊگھيريل رهن ٿا ۽ ساڻا ڪين ٿا ٿين. پر تڏهن بہ مون کي تسلي نہ ٿي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 مون پنهنجي مصيبت جي ڏينهن خداوند کي ڳوليو: مون رات جو پنهنجا هٿ ڊگهيريا ۽ ڍرا ڪين ڪيم؛ پر منهنجيءَ جان کي تسلي ڪانہ آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 77:2
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“


سندس سمورا پٽ ۽ ڌيئر چپ ڪرائڻ لاءِ آٿت ڏيڻ لڳس پر کيس آٿت نہ ٿي آئي. هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ روئندو پٽيندو پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس.“ اهڙيءَ طرح هو يوسف جي لاءِ روئندو رهيو.


جڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جھولو لڳي يا فصلن ۾ رتي پوي، ماڪڙ کائي يا جيت لڳي، يا جڏهن سندن دشمن سندن شهرن کي گھيري هيٺ آڻين، مطلب تہ ڪهڙي بہ مصيبت يا ڪهڙي بہ بيماري اچي پوي،


”اي ايوب! جيڪڏهن تون پنهنجي دل خدا ڏانهن مائل رکندين، ۽ پنهنجا هٿ هن ڏانهن ڊگھيريندين،


پوءِ مون پنهنجي انهيءَ مصيبت ۾ خداوند پنهنجي خدا کي مدد لاءِ پڪاريو هو، منهنجي انهيءَ آواز کي هن پنهنجي مقدس جاءِ ۾ ٻڌو، ائين منهنجو فرياد هن جي ڪنن تائين وڃي پهتو.


اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“


آءٌ صبح، منجھند توڙي سانجھيءَ فرياد پيو ڪندس، آهون ڀريندس ۽ دانهون پيو ڪندس، ۽ هو منهنجو آواز ضرور ٻڌندو.


آءٌ جڏهن بہ هنڌ تي سمهندس، تو کي ياد ڪندس. رات جي هر ڪنهن پهر ۾ تون ئي منهنجي سوچن ۾ هوندين،


آءٌ پنهنجي مصيبت جي ڏينهنِ ۾ تو کي پڪاريندو آهيان، ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي پڪار ٻڌندو آهين.


عزم وَ همت انسان کي بيماريءَ ۾ بہ سهارو ڏئي ٿي، مگر مايوسي انسان کان آخري اميد بہ کسيو وٺي.


اي خداوند! مصيبت جي وقت اسين تنهنجا تابعدار بڻياسين. هائو، جڏهن تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني، تڏهن اسان تو آڏو اچي ٻاڏايو.


سڄي رات اسين پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجا مشتاق ٿا رهون. هائو، اسين هميشہ تنهنجا طالبو ٿا رهون، ڇاڪاڻ تہ جڏهن تنهنجا فيصلا هن ڌرتيءَ تي نازل ٿين ٿا، تڏهن سڄي دنيا وارا سچائيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”رامہ شهر مان روئڻ ۽ رڙڻ جو هڪڙو آواز ٿو ٻڌجي، هائو، راخل پنهنجي اولاد لاءِ روئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهو وٽس موجود ناهي، سو هن کي ڪابہ تسلي نہ ٿي ملي.


يهوداہ وارن پنهنجو زخم ڏٺو، ۽ اسرائيل وارن جي جڏهن پنهنجي مرض تي نظر پئي، تڏهن هو اشور ملڪ ڏانهن ويا، تان‌تہ اتان جي عظيم شهنشاهہ کان علاج ڪرائين. پر هو انهن کي شفا ڏيئي نہ سگھيو، نڪي هو يهوداہ وارن جو زخم ڇٽائي سگھندو.


اچو تہ خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو، هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو.


جيڪي ماڻهو مريم سان گھر ۾ ويٺا هئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏهن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاهر ويندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ هوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ ٿي وڃي، سو اهي بہ هن جي پٺيان اٿي هليا.


عيسيٰ پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ