Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 76:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هائو، ان وقت جڏهن تون عدالت ڪرڻ جي لاءِ اُٿئين، تان‌تہ ڌرتيءَ جي سڀني مظلومن کي بچائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 جڏهن خدا عدالت ڪرڻ اُٿيو، تہ زمين جي سڀني نماڻن کي بچائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 76:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ خداوند پنهنجي قوم کان ڏاڍو خوش ٿئي ٿو، ۽ پنهنجي تابعدارن کي فتحمندي بخشي ٿو.


جيڪي تنهنجا تابعدار آهن، تن کي سڌيءَ راهہ تي هلائين ٿو. هائو، پنهنجي تابعدارن کي تون پنهنجي واٽ ڏيکارين ٿو.


شل بادشاهہ قوم جي غريبن جو انصاف ڪندو رهي! شل هو محتاجن کي بچائيندو ۽ ظالمن کي چيڀاٽيندو رهي!


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


هو ٿلها متارا ۽ چوکا ٿي پيا آهن. سندن شرارت وارن ڪمن جي تہ حد ئي ڪانهي. هو نڪي يتيمن سان انصاف ڪن ٿا، نہ وري غريبن جي حقن جو تحفظ ڪن ٿا.


پر خداوند پنهنجي مقدس هيڪل ۾ موجود آهي، سو سڄي جهان کي گھرجي تہ هن جي اڳيان خاموش رهي.


اي ملڪ جا سڀ حليم رهاڪؤ! جيڪي سندس حڪم تي هلندڙ آهيو، سي خداوند جا طالبو رهو. هائو، اوهين سچائيءَ ۽ عاجزيءَ جا طلبگار رهو، تڏهن ٿي سگھي ٿو خداوند جي ڪاوڙ واري ڏينهن تي اوهان کي پناهہ ملي.


سو خداوند اوچتو موسيٰ، هارون ۽ مريم کي چيو تہ ”اوهين ٽيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ نڪري اچو.“ تڏهن اهي ٽيئي ڄڻا نڪري مقدس خيمي وٽ آيا.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي تابعدار آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي ڌرتيءَ جو وارث ڪندو.


ان جي بدران اوهان جي باطني انسانيت حليم ۽ نرم طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل هجي. خدا جي نظر ۾ انهيءَ جو وڏو قدر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ