اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! بيشڪ تون سچو آهين، تنهن هوندي بہ تو اسان مان ڪجھہ باقي بچايا آهن. هاڻي اسين پنهنجن گناهن سوڌو تنهنجي حضور ۾ حاضر ٿيا آهيون، توڙي جو هن حالت ۾ ڪوبہ تنهنجي حضور ۾ بيهي نہ ٿو سگھي.“
ان وقت موسيٰ ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن خداوند جي شان ۾ هي گيت ڳايو تہ ”آءٌ خداوند جو حمد وَ ثنا ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن وڏي شاندار فتح ماڻي آهي، هن گھوڙن کي سوارن سوڌو سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو آهي.