Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 76:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جنگي جوڌا اتي لُٽجي ويا آهن ۽ وڃي ابدي ننڊ ۾ ستا آهن، بيشڪ اهي زور وارا هئا پر سندن زورِ بازو بہ ڪم ڪين آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 مضبوط دل وارن جو مال لٽجي ويو، هو غفلت جي ننڊ ۾ سمهي رهيا؛ ۽ زور وارن مان ڪنهن هڪڙي بہ هٿ نہ ڊگهيريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 76:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، منهنجا خدا! تون ڌيان ڏي ۽ منهنجو هي عرض ٻڌ، مون کي تندرستي عطا ڪر، متان موت جي ننڊ نہ اچي وڃي.


تڏهن اشوري جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، پر انساني طاقت سان نہ. هائو، اهي لڙائيءَ ۾ ماڻهن جي هٿان نہ ماريا ويندا. هو جنگ کان ڀڄندا رهندا، پر سندن نوجوانن کي پڪڙي غلام بڻايو ويندو.


سو خداوند جو هڪڙو ملائڪ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ ڪاهي پيو ۽ اٽڪل هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. صبح جو سوير ماڻهو ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


اي اوهين سخت دل وارؤ! اوهين جيڪي سمجھو ٿا تہ منهنجي سڏيل شخص جو بابل کي فتح ڪرڻ وارو ڏينهن پري آهي، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو.


پر جڏهن سندن پيٽ ۾ بک جي باهہ ڀڙڪندي، تڏهن آءٌ هنن جي اهڙي مهماني ڪندس، جو سزا جو شراب پيئاري پيئاري کين مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


اي اشور جا شهنشاهہ! تنهنجا گورنر ماريا ويا آهن، ۽ تنهنجي اميرن کي موت جي ننڊ وٺي ويئي آهي. تنهنجي رعيت جبلن تي ڪڻو ڪڻو ٿي ويئي آهي، ۽ ڪوبہ ڪونهي جيڪو انهن کي گڏ ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ