Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 75:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پر آءٌ سندس عجيب ڪمن جو هميشہ بيان ڪندو رهندس. هائو، آءٌ يعقوب جي خدا جي واکاڻ ڳائيندو رهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پر آءٌ تہ هميشہ بيان ڪندو رهندس، ۽ يعقوب جي خدا جي تعريف ڳائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 75:9
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ هو پنهنجي سزا پاڻ ڀوڳين، ڀلي تہ اهي قادرِمطلق جي غضب جو مزو پاڻ چکن.


جيستائين آءٌ جيئرو رهندس خداوند جا گيت پيو ڳائيندس. جيستائين آءٌ حيات آهيان پنهنجي خدا جي واکاڻ پيو ڪندس.


مون تنهنجي سچائيءَ وارن ڪمن کي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي نہ رکيو آهي، بلڪ تنهنجي وفا ۽ بچائڻ وارن ڪمن کي ظاهر ڪيو اٿم. مون هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ کان تنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا ڳجھي ڪين رکي آهي.


تون اسان جي ٻڌ، ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان اسان جي مدد ڪر، تان‌تہ اسين تنهنجا محبوب فتحياب ٿيون.


تان‌تہ تنهنجي ڇڏائڻ سبب آءٌ ڏاڍو سرهو ٿيان، ۽ سڄي يروشلم شهر اندر تنهنجي تعريف ڪريان.


خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ هن فرمايو تہ ”اي يرمياہ! منهنجي هٿان مئي جو هي پيالو وٺ، جيڪو منهنجي غضب سان ڀريل آهي. اهو انهن سڀني قومن کي وڃي پيئار، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو.


تون اهو سڄو پي ويندينءَ ۽ ذرو بہ نہ بچائيندينءَ. بلڪ انهيءَ پيالي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندينءَ، ۽ افسوس وچان انهيءَ جي ٽڪرن سان تون پنهنجيون ڇاتيون وڍيندينءَ. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ