4 آءٌ مغرورن کي چوان ٿو تہ ’اوهين غرور نہ ڪريو،‘ ۽ بڇڙن کي چوان ٿو تہ ’اوهين پنهنجا ڳاٽ اوچا نہ ڪريو.
4 مون هٺيلن کي چيو تہ هٺ نہ ڪريو: ۽ بڇڙن کي چيم تہ سڱ مٿي نہ کڻو:
هن پنهنجيءَ قوم کي مضبوط ڪيو آهي، تانتہ سندس اهي نيڪ بندا سندس ئي واکاڻ پيا ڪن، هائو، اهي سمورا بني اسرائيل جيڪي سندس پيارا آهن. خداوند جي واکاڻ ڪريو.
پر سچار ڀلي خوشيون ڪن ۽ خدا جي حضور ۾ سرها ٿين. هائو، هو ڀلي خوشين وچان گدگد پيا ٿين.
انهيءَ سبب جو تون اسان جي طاقت جو شان آهين، تنهنجي مهربانيءَ جي ڪري اسان جي طاقت وڌي ٿي.
اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڪيڏا نہ جاهل آهيو! ڪجھہ تہ ويچار ڪريو. اي بيوقوف انسانؤ! اوهان کي ڪڏهن عقل ايندو؟
خداوند جي آڏو پهاڙ بہ ميڻ جيان رجي وڃن ٿا، هائو، انهيءَ ڌڻيءَ جي آڏو جيڪو سڄي جهان جو مالڪ آهي.
”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بيوقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟
اي نادانؤ! اوهين دانائي سکو. اي بيوقوفؤ! اوهين عقلمند ٿيو.
جيڪڏهن اوهين زندگي چاهيو ٿا تہ پنهنجي اڻڄاڻائي ڇڏي ڏيو ۽ دانائيءَ واري رستي تي هلو.
تڏهن مون ملائڪ کان پڇيو تہ ”هي ڪهڙو ڪم ڪرڻ آيا آهن؟“ هن وراڻيو تہ ”جن سڱن مثل بادشاهتن يهوداہ وارن کي ايترو تہ چيڀاٽي ڇڏيو هو جو ڪوبہ پنهنجي پيرن تي بيهي نہ سگھيو، تن بادشاهتن کي ڊيڄارڻ ۽ سندن طاقت کي ڪچلڻ لاءِ اهي ڪاريگر آيا آهن، ڇاڪاڻ تہ وڏي زورآوري ڏيکاري هنن يهوداہ وارن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو هو.“
هو مسڪينن ۽ محتاجن کي ڪچري جي ڍير مان ڪڍي کين شان وَ شوڪت سان شهزادن سان گڏ تخت تي ويهاري ٿو. هو اهو ئي خداوند آهي جنهن ڌرتيءَ جا ٿنڀا کوڙيا آهن، جن جي مٿان هن هي جهان قائم ڪيو آهي.