Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 74:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اسين تنهنجي ڪابہ نشاني ڪين ٿا ڏسون، نڪي اسان وٽ ڪو نبي بچيو آهي. اسان جو هي حال ڪيستائين رهندو؟ اهو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 اسين پنهنجا نشان نٿا ڏسون: اسان وٽ ڪو نبي بہ ڪونہ بچيو آهي؛ نڪو ڪو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خبر هجي تہ هي حال ڪيستائين هلندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 74:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن گھرن ۾ بني اسرائيل وارا رهن ٿا، تن جي دروازن تي لڳل اهو رت هڪڙو نشان هوندو. آءٌ اهو رت ڏسي کين ڇڏي لنگھي ويندس. جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن ڪابہ آفت بني اسرائيل کي برباد ڪرڻ لاءِ مٿن نہ ايندي.


صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن، ۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن. صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن. بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن، شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي، ۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي.


انهيءَ کان علاوہ مون هنن لاءِ پنهنجي سبت جا ڏينهن بہ مقرر ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ اهي منهنجي ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي نشاني رهن، تان‌تہ هو ڄاڻي وٺن تہ اهو آءٌ ئي خداوند آهيان جنهن کين پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي.


اوهان تي مصيبت مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ ظالمن جي حملن بابت افواهن مٿان افواهہ پيا اٿندا. تڏهن ماڻهو منهنجي پيغام لاءِ نبين کي عرض ڪندا، پر کين ڪا تسلي نہ ملندي. بلڪ ڪاهن منهنجي شريعت جي تعليم بہ ڏيئي نہ سگھندا، نڪي بزرگ صلاح مصلحت ڏيڻ جي لائق رهندا.


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ڏس، اهو وقت اچي رهيو آهي، جڏهن آءٌ هن ملڪ ۾ اهڙو ڏڪار آڻيندس، جيڪو مانيءَ يا پاڻيءَ جو نہ، پر مون خداوند جي فرمان ٻڌڻ جو ڏڪار هوندو.


سو هاڻي اڳتي اوهين اهڙيون رويائون نہ ڏسي سگھندا، ۽ نہ وري ڪا اڳڪٿي ڪري سگھندا. هائو، جنهن کي اوهين روحاني روشني چئو ٿا سا اوهان کي ڏسڻ ۾ نہ ايندي ۽ ڏينهن ۾ بہ اوهان کي رات واري اونداهي نظر ايندي.


سو اي غيبدانو ۽ فالون وجھندڙؤ! هاڻ اوهين پنهنجي ناڪاميءَ سبب ذليل ۽ خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ منهنجي طرفان اوهان جي منٿن جو ڪو جواب نہ ملندو.“


خدا بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي معجزن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ ڇوٽڪاري جي شاهدي ڏيندو رهيو.


پوءِ جِدعون وراڻيس تہ ”هاڻ جيڪڏهن مون تي تنهنجي مهربانيءَ جي نظر ٿي آهي تہ مون کي نشاني ڏي تہ تون خداوند ئي آهين جيڪو مون سان ڳالهائين ٿو.


جن ڏينهن ۾ اهو ڇوڪرو سموئيل عيليءَ جي هدايت هيٺ خداوند جي خدمت ڪندو هو، تن ڏينهن ۾ خداوند جو فرمان اڻ‌لڀ هو ۽ رويا اڪثر ڪري ڏسڻ ۾ نہ ايندي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ