Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 74:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تو سان ملاقات واري انهيءَ جاءِ ۾ تنهنجا دشمن گجندا ٿي وتيا، هنن فتح جي نشانيءَ طور اتي پنهنجا جھنڊا کڙا ٿي ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تنهنجن دشمنن تنهنجي جماعت جي وچ ۾ اچي هل مچايو؛ ۽ نشانن لاءِ پنهنجا جهنڊا کڙا ڪيا اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 74:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري خداوند مٿن بابل جو بادشاهہ چاڙهي آندو، جنهن سندن جوان ماڻهو هيڪل ۾ بہ ماري ڇڏيا. هن ڪنهن تي بہ رحم نہ ڪيو، نہ جوان مرد تي ۽ نہ جوان عورت تي، نہ ڪراڙي تي ۽ نہ جھُور ڪراڙيءَ تي. خدا انهن سڀني کي انهيءَ بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


پروردگار پنهنجي قربان‌گاهہ کان نفرت ڪري ٿو، بلڪ پنهنجي سڄي مقدس هيڪل کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. هن هيڪل جا در ۽ ڀتيون دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي اهي فاتح هيڪل ۾ وڏو گوڙ شور ڪري رهيا آهن، جتي ڪڏهن دل وَ جان سان عبادت ڪئي ويندي هئي.


هو ئي ڇڏائڻ وارو ۽ بچائڻ وارو آهي، هو ئي زمين ۽ آسمان تي عجيب ڪم ۽ معجزا ڏيکاري ٿو. هن ئي دانيال کي شينهَن جي چنبن کان بچايو آهي.“


”بني اسرائيل مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي نشان وٽ پنهنجي ڪٽنب جي جھنڊي سان مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي چئني طرفن تي پنهنجو پنهنجو تنبو کوڙي.


”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي مقدس هيڪل ۾ رکيل ڏسو، جنهن بابت دانيال نبيءَ جي معرفت ٻڌايو ويو آهي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)،


ان مهل ڪن ماڻهن عيسيٰ کي انهن گليلين بابت ٻڌايو، جيڪي قرباني ڪري رهيا هئا تہ گورنر پلاطس کين مارائي ڇڏيو هو.


”جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آهي، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس تباهيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آهي.


سو هن پنهنجو وات کوليو ۽ خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳو. هائو، هو خدا جي نالي ۽ سندس عرش عظيم جي خلاف ۽ اتي رهڻ وارن جي خلاف ڪفر بڪندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ