Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 74:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تو ئي سڪل چشمن ۽ برساتي نهرن کي جاري ڪيو هو، ۽ تو ئي پاڻيءَ سان ڀريل وڏا وڏا درياءَ سڪائي ڇڏيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تو چشما ۽ ٻوڏ جاري ڪيا: تو وڏا وڏا درياهہ سڪائي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 74:15
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن الياس جي چادر جھلي پاڻيءَ تي هنئي ۽ چيائين تہ ”خداوند، الياس جو خدا ڪٿي آهي؟“ جڏهن هن پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو تڏهن پاڻي چيرجي ٻہ حصا ٿي پيو ۽ اليشع پار لنگھي ويو.


الياس پنهنجي چادر لاٿي ۽ ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ تي هنيائين تہ پاڻي ٻہ حصا ٿي پيو. پوءِ هو ٻيئي ڄڻا اتان سڪيءَ مان لنگھي درياءَ جي هُن ڀر ويا.


هن ٽڪر کي چيريو تہ انهيءَ مان پاڻي وهي نڪتو، جيڪو رڻ‌پٽ مان ندي بڻجي وهڻ لڳو.


ڳاڙهي سمنڊ جڏهن خدا کي ڏٺو تڏهن اهو پٺتي هٽي ويو، اردن درياءُ پڻ کيس ڏسي پٺئين پاسي وهڻ لڳو.


هن بيابان ۾ ٽڪرين کي چيري پاڻي وهايو، ۽ پنهنجي قوم کي ڄڻ زمين جي جر منجھان جھجھو پاڻي پيئاريو.


سو سندس قوم مان جيڪي اشور ۾ باقي بچيا هوندا، تن جي لاءِ هڪڙو اهڙو کُليل رستو هوندو، جهڙو بني اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن تي هو، جڏهن اهي مصر ملڪ مان نڪري آيا هئا.


هاڻ ڀلي کڻي سمنڊ يا نديون انهيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن، تہ بہ آءٌ هڪڙي ئي لفظ سان انهن کي بہ سڪائي ڇڏيندس.“


جيئن گھڻو اڳ هو اسان جي ابن ڏاڏن کي گرم ۽ خشڪ بيابان مان سنڀالي وٺي ٿي ويو.“ هن کين اڃ جي ڪا تڪليف نہ ڏيکاري، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ ٽڪر مان پاڻي وهايائين. هائو، هن ٽڪريءَ کي چيريو تہ پاڻي بڙڪا ڏيئي نڪري آيو.


تو پنهنجو تيرڪمان ڪڍي هٿ ۾ ڪيو هو، تنهنجو ترڪش ڪيترين ئي کِنوڻين وارن تيرن سان ڀريل هو. تو زمين تي مينهن وسائي ان کي دريائن سان چيري ڇڏيو هو.


پوءِ موسيٰ پنهنجو هٿ ڊگھيري ٻہ ڀيرا ٽڪريءَ تي پنهنجي لٺ هنئي تہ انهيءَ مان بي‌انداز پاڻي وهي نڪتو، جيڪو سڀني ماڻهن ۽ سندن چوپائي مال پيتو.


اسان ٻڌو آهي تہ جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن ڪهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو هو. اسان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اوهان اردن درياءَ جي اوڀر طرف امورين جي ٻن بادشاهن، سيحون ۽ عوج جون ڪيئن پاڙون پٽي ڇڏيون.


جڏهن ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏي درياءَ فرات تي هاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو. انهيءَ لاءِ تہ اهڙو رستو تيار ٿي وڃي جو اوڀر کان بادشاهہ پنهنجن لشڪرن سان ڪاهي اچن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ