12 پر اي خدا! تون قديم وقت کان اسان جو بادشاهہ آهين، ۽ تون ئي تہ دنيا ۾ سوڀارو ڪندڙ آهين.
12 خدا قديم وقت کان وٺي منهنجو بادشاهہ آهي، جو زمين تي نجات ٿو ڏئي.
اي خدا! اي منهنجا بادشاهہ! تو ئي اسان بني يعقوب کي سوڀون بخشيون آهن.
هر صبح جو منهنجو آواز تو تائين پهچي ٿو. هائو، صبح جو ئي تو آڏو فرياد رکي آءٌ تنهنجي جواب جو انتظار ٿو ڪريان.
خداوند، جيڪو اسان جو منصف، اسان جو حاڪم ۽ اسان جو بادشاهہ آهي، سو ئي اسان کي بچائيندو.
خداوند فرمايو تہ ”بيشڪ اهي منهنجي قوم، يعني منهنجا اهڙا ٻار آهن، جيڪي مون سان بيوفائي نہ ڪندا.“ سو خداوند سندن بچائيندڙ بڻيو،
پر اي خداوند! تون سچو خدا آهين، تون جيئرو خدا ۽ قائم وَ دائم بادشاهہ آهين. جڏهن تون ڪاوڙجين ٿو تہ دنيا ڪنبي ٿي وڃي، ۽ قومون تنهنجي ڪاوڙ سهي نہ ٿيون سگھن.
اي خداوند، منهنجا خدا! اي منهنجا پاڪ خدا! ڇا تون ازل کان ناهين؟ ڇا تون ابد تائين نہ رهندين؟ اي خداوند! تو انهن بابلين کي مقرر ڪيو آهي تہ اهي اسان تي فتويٰ جاري ڪن. اي اسان جا محافظ! تو کين مقرر ڪيو آهي تہ هو اسان کي سزا ڏين.
خدا هيئن بہ چيس تہ ’جنهن قوم جي غلاميءَ ۾ هو رهندا، تنهن جي خلاف آءٌ فتويٰ جاري ڪندس. تنهن کان پوءِ هو اتان نڪري اچي هن ئي هنڌ منهنجي عبادت ڪندا.‘
هن پنهنجو سِر تريءَ تي رکي وڃي انهيءَ فلستي جالوت کي ماريو، جنهن تي خداوند سڄي بني اسرائيل کي هڪ وڏي فتح حاصل ڪرائي. توهان پاڻ اها ڏٺي ۽ ڏاڍا خوش ٿيا. تڏهن ڇو هن بيگناهہ جو رت بيسبب هاري اوهين گنهگار ٿيڻ ٿا گھرو؟“