Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 74:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي خدا! تو هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ اسين جيڪي تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، تن تي تنهنجو ناراضپو ڇو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي خدا تو اسان کي هميشہ جي لاءِ ڇو ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنهنجي چراگاهہ جي رڍن تي ڇو تنهنجي ڪاوڙ جو دونهون دکيو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 74:1
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي قوم جي باقي بچيل حصي يعني يهوداہ وارن کان منهن موڙيندس ۽ کين سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي کين لٽيندا ۽ ڦريندا.


اي خداوند! تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ منهنجي مصيبت جي وقت تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟


اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند ئي خدا آهي. هن ئي اسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسين هن جا ئي آهيون. هائو، اسين سندس چونڊيل قوم، ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


پوءِ ڪاوڙ سببان هن جي ناسن مان دونهون نڪرڻ لڳو. هن جي واتان ناس ڪندڙ باهہ ۽ ڀڙڪندڙ ٽانڊا ٿي نڪتا.


پر مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بي‌قراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.


آءٌ خدا کي، جيڪو منهنجو محافظ آهي چوان ٿو تہ ”تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟“


پر هاڻي جيئن تہ تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ اسان جي لشڪرن سان گڏ ڪين ٿو هلين، سو اسين شڪست کائي خوار خراب ٿي ويا آهيون.


خداوند، قادرِمطلق خدا، سڄيءَ دنيا وارن کي سڏايو آهي. هائو، هن اوڀر کان اولهہ تائين سڄيءَ دنيا کي گھرايو آهي.


اي خدا! تو اسان کي رد ڪيو آهي، ۽ تو ئي اسان کي هارائي ڇڏيو آهي. تون اسان سان ڪاوڙيو آهين، پر هاڻ اسان کي بحال ڪر.


اي خدا! ڇا اهو تون ئي نہ آهين، توڙي جو اسان کي رد ڪيو اٿيئي، ۽ اسان جي لشڪرن سان گڏ نہ ٿو هلين؟


ڇا ڌڻي اسان کي هميشہ جي لاءِ رد ڪري ڇڏيندو؟ ڇا هو اسان تي وري ڪڏهن بہ مهربان نہ ٿيندو؟


ڇا سندس دائمي شفقت اسان تان هميشہ لاءِ هلي ويئي آهي؟ ڇا هن پنهنجو واعدو سدا لاءِ اسان کان ٽوڙي ڇڏيو آهي؟


اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين منهنجي تعليم ٻڌو، اوهين منهنجي ڳالهين تي پنهنجو ڪن ڏيو.


تڏهن اسين جيڪي تنهنجي قوم، ۽ تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، سي سدائين تنهنجو شڪرانو ادا ڪندا رهنداسين، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي تنهنجيون تعريفون ڪندا رهنداسين.


ائين ڪيستائين رهندو، اي خداوند! ڇا تون هميشہ ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجي اها غيرت باهہ وانگر پيئي ڀڙڪندي رهندي؟


تو اسان کي لُڙڪن واري خوراڪ کارائي آهي، ۽ پيئڻ لاءِ لُڙڪ ئي لُڙڪ ڏنا اٿيئي.


ڇا تون اسان کي نئين سر جيئرو نہ ڪندين؟ تان‌تہ تنهنجي ڪري تنهنجي قوم خوشيون ڪري.


هو ئي تہ اسان جو خدا آهي. اسين سندس رڍن جي ڌڻ مثل آهيون، جن جي هو پنهنجي چراگاهہ ۾ سار سنڀال لهي ٿو. هاڻي اڄوڪي ڏينهن اوهين پنهنجو ڪن ڏيئي خدا جو هي پيغام ٻڌو تہ


تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! تون ڇو پنهنجي انهيءَ قوم سان ايتري ڪاوڙ ٿو ڪرين، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ طاقت سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي؟


پر اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين. اسين رڳو مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين، جنهن اسان سڀني کي پنهنجي هٿن سان جوڙيو آهي.


خداوند، بني اسرائيل جو خدا پنهنجي قوم جي اڳواڻن، جيڪي ڌڻ جي ڌڻيءَ مثل آهن تن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي انهن اڳواڻن لاءِ! جيڪي منهنجي قوم کي تباهہ ۽ ڇڙوڇڙ ڪري ڌڪي ٿا ڪڍن ۽ انهن جي سار سنڀال نہ ٿا لهن. ائين هو جيڪا بڇڙائي ڪن ٿا، تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس.


جهڙيءَ طرح ڪو آسمان جي ماپ ڪري نہ ٿو سگھي، نڪي زمين جو بنياد ئي ڪو لهي ٿو سگھي، تهڙيءَ طرح آءٌ بني اسرائيل کي سندن ڪيل گناهن جي باوجود بہ هرگز رد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڀلا ڇا تون اسان کان ايتري قدر ناراض ٿي اسان کي هميشہ جي لاءِ ٺڪرائي ڇڏيندين؟


هائو، اهي انسان ئي منهنجو ڌڻ آهن جن جي آءٌ سار سنڀال ٿو ڪريان ۽ آءٌ ئي سندن خدا آهيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


منهنجيون رڍون ٻڪريون شڪار ٿي ويون آهن ۽ سڀني جھنگلي جانورن جي خوراڪ بڻيون آهن، ڇو تہ اوهان مان ڪوبہ انهن جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪونهي، نڪي ڪو گم ٿيل رڍن ٻڪرين کي ڳولي ٿو. اوهان منهنجي رڍن ٻڪرين کي چارڻ بدران پنهنجا ڍڍ پئي ڀريا آهن. سو اي اوهين! جن کي ڌنار جي ذميواري ڏني ويئي هئي، تن کي آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پيءُ جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري.


ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي ڪڏهن بہ معاف ڪرڻ نہ چاهيندو. اٽلندو خداوند جو قهر ۽ سندس غيرت انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي ڀڙڪندي، سڀ لعنتون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي پونديون ۽ خداوند انهيءَ جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ