Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 73:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هو خدا جي خلاف ڳالهائڻ جي جرئت ڪن ٿا، ۽ غرور وچان ڌرتيءَ وارن تي حڪم هلائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 اُهي پنهنجو وات آسمان ڏانهن ڪري بيٺا آهن، ۽ سندن زبان زمين تي پيئي گهمي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 73:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي ائين نہ ٿئي جو حزقياہ اوهان سان ٺڳي ڪري ۽ اوهان کي گمراهہ ڪري. هن جي ڳالهين تي اوهين اعتبار نہ ڪريو. ڪنهن بہ قوم يا بادشاهت جي ڪنهن بہ معبود کي منهنجي هٿان ۽ منهنجي ابن ڏاڏن جي هٿان پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ جي طاقت ناهي. تہ پوءِ پڪ ڄاڻو تہ اوهان جو خدا بہ اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي نہ سگھندو.“


تنهن هوندي بہ اهي بدڪار خدا کي هيئن ٿا چون تہ ’اسان کي ڇڏي ڏي، ڇو تہ اسين تنهنجي واٽن جا طالبو ناهيون.‘


اي دغاباز زبان وارا! تون ظلم واري ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ کي پسند ٿو ڪرين.


پر فرعون چيو تہ ”اهو خداوند ڪير آهي، جو آءٌ سندس ڳالهہ مڃي بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيان؟ آءٌ خداوند کي ڪونہ ٿو سڃاڻان ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.“


هاڻي ٻڌو، جيڪڏهن اوهين هينئر بہ آمادہ آهيو تہ انهن سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌڻ سان هن سوني مورتيءَ کي سجدو ڪريو تہ چڱو، پر جي اوهان ائين نہ ڪيو تہ هن ئي گھڙيءَ اوهان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو. پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اهو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي ٿو.“


اهو خدا تعاليٰ جي خلاف ڳالهيون ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ايذائيندو. هو عيد جي ڏينهن ۽ شريعت کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو. ائين خدا جي قوم ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي.


جج ڪجھہ وقت تہ هن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ خدا جو خوف آهي ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ،


زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن دنيا بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي دوزخ جي باهہ مان ملي ٿي.


سو هن پنهنجو وات کوليو ۽ خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳو. هائو، هو خدا جي نالي ۽ سندس عرش عظيم جي خلاف ۽ اتي رهڻ وارن جي خلاف ڪفر بڪندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ