مون کي ڇڏي هو انهن ڏانهن ٿا وڃن، جيڪي سندن ڪابہ مدد ڪري نہ ٿا سگھن. اهي غير معبود اهڙي تيرڪمان مثل آهن، جيڪو مهل تي دوکو ڏيو وجھي. سندن مغرور اڳواڻن جي بڪواس ئي کين جنگ ۾ مارائيندي، انهيءَ سبب سڀني اسرائيل وارن تي مصر ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.“
خاص ڪري انهن کي جيڪي جسم جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي خدا جي اختياريءَ کي حقير ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي تعليم ڏيندڙ بہ اهڙا تہ گستاخ ۽ هٺيلا آهن جو آسماني هستين جي بيحرمتي ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.