4 هن ڪري جو اهي ڪوبہ ڏک ڪين ٿا ڏسن، بلڪ تندرست ۽ مضبوط ٿا رهن.
4 ڇو تہ انهن کي مرڻ مهل سور نہ آهي: ۽ انهن جو زور قائم ٿو رهي.
جيتوڻيڪ سندن منهن تي ٿولهہ اچي ويئي آهي، ۽ خوشحاليءَ سندن بدن تي چرٻيءَ جا تهہ ڄمائي ڇڏيا آهن،
شرير پنهنجي حياتي سکي ستابي ٿا گذارين، ۽ ڪنهن تڪليف کان سواءِ ئي مريو وڃي قبر داخل ٿا ٿين.
دنيا مان سندن نالو نشان بہ ختم ٿيو وڃي، ايتري قدر جو پيٽان ڄڻيندڙ ماءُ بہ کين وساري ڇڏي ٿي. ڪينئان کين کائي چٽ ڪن ٿا، هائو، کين وڻ وانگر پٽي ڪيرائي برباد ڪيو وڃي ٿو.
هنن پنهنجين دلين کي سخت بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي واتان تڪبر واريون ڳالهيون ٿا ڪن.
اي خداوند! پنهنجي قدرت ڏيکاري مون کي انهن کان ڇڏاءِ، هائو، دنيا جي انهن ماڻهن کان، جن جو حصو رڳو هن دنيا ۾ آهي. پر جيڪي شيون تو پنهنجي پيارن لاءِ گڏ ڪري رکيون آهن، تن سان شل اهي ڍاول رهن! سندن ٻچن وٽ ايترو تہ گھڻو ڪجھہ هجي، جو اهي پنهنجن ٻارن لاءِ باقي ڇڏي وڃن.
پر افسوس! ڏاهو هجي توڙي بيعقل سڀ مري ٿا وڃن ۽ جلد ئي ماڻهن جي دلين مان وسريو ٿا وڃن. ائين نہ ٿو ٿئي جو ڏاهي کي بيعقل کان وڌيڪ ياد ڪيو وڃي.
اهو سڀ ڪجھہ مون پنهنجي هن منجھائيندڙ زندگيءَ دوران ڏٺو آهي. مون اهو بہ ڏٺو آهي تہ ڪيترائي نيڪ ماڻهو نيڪيءَ جا ڪم ڪن ٿا، پر پوءِ بہ مري چٽ ٿي ٿا وڃن. جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو بڇڙائيءَ وارا ڪم ڪندي وڏي عمر تائين جيئرا ٿا رهن.
هو ٿلها متارا ۽ چوکا ٿي پيا آهن. سندن شرارت وارن ڪمن جي تہ حد ئي ڪانهي. هو نڪي يتيمن سان انصاف ڪن ٿا، نہ وري غريبن جي حقن جو تحفظ ڪن ٿا.
پوءِ جڏهن اهو غريب ماڻهو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بهشت ۾ ابراهيم جي پاسي ۾ ويهاريو. هوڏانهن شاهوڪار ماڻهو بہ مري ويو ۽ کيس دفن ڪيو ويو.