22 جيئن جانور کي ڪا سمجھہ ڪانهي، تيئن آءٌ ان وقت تنهنجي اڳيان بيعقل هئس.
22 آءٌ بي عقل ۽ نادان هوس؛ تنهنجي اڳيان حيوان جهڙو هوس.
مون هي بہ سوچيو تہ هن انصاف ۽ بڇڙائيءَ واري ڳالهہ بابت خدا انسانن کي آزمائي ٿو جڏهن تہ اسان انسانن ۽ جانورن ۾ ڪو فرق نظر نہ ٿو اچي.
هڪڙي ڳالهہ آهي جيڪا بيوقوف ماڻهو نہ ٿا ڄاڻن، هائو، جاهل ماڻهو هيءَ ڳالهہ سمجھي نہ ٿا سگھن تہ
جڏهن تہ هو ڏسي ٿو تہ نہ رڳو جاهل ۽ بيوقوف ئي فنا ٿيو ٿا وڃن، بلڪ جيڪي داناءَ آهن سي بہ مريو ٿا وڃن، ۽ هر ڪو پنهنجي دولت ٻين جي لاءِ ڇڏيو ٿو وڃي.
جڏهن تہ ڍڳو بہ پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ بہ پنهنجي آهر کي ڄاڻي ٿو، پر بني اسرائيل کي تہ اها بہ خبر ڪانهي، هائو، منهنجي قوم اهو سمجھي ئي نہ ٿي.“
يقيناً آءٌ انسان نہ پر جھنگلي حيوان جيان آهيان، جنهن ۾ ڪا انساني سمجھہ بلڪل آهي ئي ڪين.
تون گھوڙي ۽ خچر وانگر بيسمجھہ نہ ٿيءُ، جن کي پنهنجي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ لغام ۽ واڳ وجھبي آهي، تانتہ اهي تابعداريءَ ۾ رهن.“
اي خدا! منهنجي نادانيءَ کي تون ئي ٿو ڄاڻين، منهنجا گناهہ تو کان ڳجھا ڪين آهن.
اسان کي ڍورن وانگر ناسمجھہ ڇو ٿو سمجھين؟ تنهنجي نظر ۾ اسين نادان ڇو آهيون؟
جيتوڻيڪ بڇڙا ماڻهو گاهہ جيان اُسرن ٿا، هائو، اهي خطاڪار وڌن ۽ ويجھن ٿا، تنهن هوندي بہ آخرڪار اهي هميشہ لاءِ ناس ٿي ويندا.