Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 73:2 - Muslim Sindhi Bible

2 پر منهنجا پير تِرڪڻ تي هئا، هائو، ذري گھٽ اعتماد ويو ٿي. منهنجا قدم ٿاٻو کائڻ تي هئا، هائو، ذري گھٽ ايمان ويو ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 پر منهنجا پير تہ ذري گهٽ ترڪي ويا هئا، ۽ آءٌ وِک کڻندي ئي ٿاٻو کائڻ تي هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 73:2
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ ”اي پٽ! اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ تہ هئي تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گھر ٺاهيان.


اوهين جيڪي آرام ۽ سک ۾ آهيو، تن جو خيال آهي تہ مصيبت وارا نفرت جي لائق آهن. هائو، جيڪي ڪِرڻ تي آهن، تن کي ئي اوهين ڌڪو ڏيئي ٿا ڪيرايو.


مون کي ڪنهن فاني انسان سان شڪايت ڪانهي، خدا سان ئي شڪايت اٿم، جنهن سان آءٌ بي‌صبرو ٿي پيو آهيان.


هن مون کي موت جي منهن مان ڇڏائي ورتو آهي. هائو، هن منهنجي اکين کي لڙڪن وهائڻ کان ۽ منهنجي پيرن کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچايو آهي.


اي خداوند! آءٌ بي‌قصور آهيان، سو تنهنجو ديدار حاصل ڪندس. هاڻ جڏهن آءٌ جاڳي اٿندس تہ تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


منهنجا قدم تنهنجيءَ واٽ تي ئي قائم رهيا آهن، ۽ انهيءَ کان ڪڏهن بہ نہ ٿڙيا آهن.


اهي جڏهن بيمار ٿيندا هئا، تڏهن آءٌ هنن لاءِ کٿو ڍڪيندو هئس، ۽ فاقا ڪڍي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏيندو هئس. پوءِ جڏهن هنن لاءِ گھريل منهنجيون دعائون قبوليت بنا موٽي اينديون هيون،


منهنجو عرض آهي تہ ”شل ائين نہ ٿئي جو دشمن مون تي خوشيون ملهائين، ۽ جڏهن منهنجو پير ترڪي پئي تڏهن هو پاڻ کي پڏائين.“


پر تنهنجي دائمي شفقت جي ڪري آءٌ تنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندس. آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندي تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن منهن ڪري سجدو ڪندس.


جڏهن بہ مون محسوس ٿي ڪيو تہ منهنجو پير ترڪندو ٿو وڃي، تڏهن خداوند جي دائمي شفقت مون کي سنڀالي ٿي ورتو.


ايتري قدر جو هاڻي آءٌ سڄي لوڪ اڳيان خوار خراب ٿيو آهيان.“


هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“


باقي رهيس آءٌ، سو خدا شل ائين نہ ڪري جو اوهان جي حق ۾ دعا گھُرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گنهگار ٿيان، بلڪ آءٌ اوهان کي چڱي ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


هو پنهنجي نيڪ بندن جي حفاظت ڪندو رهي ٿو، ۽ بدڪارن کي اونداهيءَ ۾ فنا ڪريو ڇڏي. ڪوبہ انسان پنهنجي قوت سان سوڀارو ڪين ٿو ٿئي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ