13 پوءِ ڇا مون اجايو پنهنجيءَ دل کي صاف رکيو آهي؟ ۽ ڇا ناحق مون پنهنجي هٿن کي پاڪ رکيو آهي؟
13 سچ تہ مون اجايو پنهنجي دل کي صاف ڪيو آهي، ۽ پنهنجن هٿن کي پاڪ ڪيو آهي.
هو ائين بہ چون ٿا تہ ’قادرِمطلق ڪير آهي جو اسين سندس عبادت ڪريون؟ ڀلا جي اسين انهيءَ کان دعا گھرون تہ اسان کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟‘
تنهنڪري ئي هو چوي ٿو تہ ’پاڻ کي خدا وٽ مقبول بڻائڻ مان ڪو فائدو ڪونهي.‘“
يا وري جيئن خدا کي چوين ٿو تہ ’منهنجي گناهہ ڪرڻ يا نہ ڪرڻ سان تو تي ڪهڙو اثر ٿو پوي؟ ۽ جي آءٌ گناهہ نہ ڪريان تہ ان جو مون کي ڪهڙو اجر ملندو؟‘
جيڪڏهن آءٌ چوان تہ ’آءٌ پنهنجا ڏک وساري ڇڏيندس ۽ پنهنجي اداسي ڇڏي خوش گذاريندس،‘
جڏهن تہ مون کي اڳ ۾ ئي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تہ پوءِ آءٌ ڇا جي لاءِ اجائي جاکوڙ ڪريان؟
تڏهن بہ هو مون کي بدبودار گپ واري ان کڏ ۾ غوطو ڏياريندو، ايتري قدر جو منهنجا ڪپڙا بہ مون کان نفرت ڪندا.
رڳو اهي ئي اهو سڀ ڪري سگھندا، جن جا هٿ صاف ۽ دل پاڪ آهي، جن باطل سان دل نہ لڳائي آهي، نڪي وري ڪوڙو قسم کنيو اٿائون.
اي خداوند! آءٌ تنهنجي هيڪل ۾ پنهنجي بيڏوهي هجڻ جي ثابتي ڏيڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڌوئي تنهنجي قربانگاهہ جو طواف ٿو ڪريان.
اي خدا! منهنجي اندر ۾ هڪڙي پاڪ دل پيدا ڪر، ۽ منهنجي باطن ۾ نئين سر مستقيم روح وجھي ڇڏ.
ڇا اوهان اهو نہ چيو آهي تہ ’خداوند جي فرمانبرداري ڪرڻ اجائي آهي. سو قادرِمطلق خداوند جا حڪم مڃڻ ۽ سندس اڳيان سوڳ واريءَ حالت ۾ رهڻ مان ڪهڙو فائدو؟‘
خدا جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي گنهگارؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہدليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پاڪ ڪريو.