Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 72:19 - Muslim Sindhi Bible

19 شل سندس عظمت وارو نالو هميشہ تائين سڳورو رهي! شل هي سڄو جهان سندس جلوي سان ڀرپور هجي! آمين، ثم آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 هن جو جلال وارو نالو هميشہ تائين مبارڪ هجي؛ شل سارو جهان هن جي جلال سان ڀرپور ٿئي. آمين ۽ آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 72:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بناياہ ولد يهويدع جواب ۾ وراڻيو تہ ”آمين، خداوند، منهنجي آقا بادشاهہ جو خدا شل ائين ئي ڪري.


پوءِ لاوين مان يشوع، قدمي‌ايل، باني، حسبنياہ، سريبياہ، هودياہ، سبنياہ ۽ فتحياہ چيو تہ ”اُٿي بيهو ۽ خدواند پنهنجي ابدي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل هيءَ دعا گھري تہ ”اي خداوند! شل تنهنجو عظمت وارو نالو سڳورو هجي، جيڪو هر تعريف ۽ واکاڻ کان اعليٰ آهي.


شل خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي! ازل کان وٺي ابد تائين شال سندس واکاڻ هجي! آمين، ثم آمين.


شال سدائين خداوند جي واکاڻ هجي. آمين، ثم آمين.


هائو، خداوند جي پاڪ جبل صيئون تي نہ ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسندو ۽ نہ وري ڪو ماريو ويندو، ۽ جيئن پاڻي سمنڊ کي ڀري ڇڏي ٿو، تيئن پوري ڌرتي خداوند کي سڃاڻڻ وارن سان ڀريل هوندي.


اهي هڪٻئي کي سڏي چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، قادرِمطلق خداوند بلڪل پاڪ آهي، سڄي ڌرتي سندس جلال سان ڀرپور آهي.“


”آمين! شل خداوند ائين ئي ڪري! جيڪي ڳالهيون اڳڪٿي ڪري تو ڪيون آهن سي شل خداوند پوريون ڪري ۽ هيڪل جو سامان ۽ سڀ جلاوطن ڪيل ماڻهو بابل مان موٽائي هن هنڌ آڻي.


ڌرتي خداوند جي جلال جي ڄاڻ سان ائين ڀرجي ويندي جيئن سمنڊ پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي.


سڄيءَ دنيا تي خداوند جي ئي بادشاهي هوندي. ان ڏينهن رڳو خداوند کي ئي معبود مڃيو ويندو ۽ رڳو سندس ئي عبادت ڪئي ويندي.


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


پر آءٌ جيئرو خداوند پنهنجي انهيءَ جلال جو قسم کڻي چوان ٿو جنهن سان سڄي ڌرتي ڀرپور ٿيندي،


شل هي پاڻي جيڪو لعنت ٿو آڻي تنهنجي پيٽ ۾ وڃي تو کي اوٽي‌نپٽي ڪري ۽ تنهنجو پيٽ سُڄائي ڇڏي.‘ تڏهن عورت جواب ۾ چوي تہ ’آمين، آمين.‘


۽ تنهنجي بادشاهي اچي. تنهنجي مرضي جيئن آسمان تي پوري ٿئي ٿي، تيئن زمين تي بہ ٿئي.


اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


۽ اهو آهيان جيڪو جيئرو رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيئرو رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي دنيا جون چاٻيون مون وٽ آهن.


جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.


پوءِ سموري مخلوق جيڪا آسمان ۾، زمين تي، زمين جي هيٺان ۽ سمنڊ ۾ آهي، تن سڀني کي مون هي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي ۽ گھيٽڙي جي واکاڻ، عزت، عظمت ۽ قدرت شل هميشہ هميشہ تائين قائم رهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ