18 شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا سڳورو هجي! رڳو اهو ئي تہ اهڙا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو.
18 شل خداوند خدا، اسرائيل جو خدا، مبارڪ هجي، جو ئي عجيب ڪم ٿو ڪري.
دائود سڄيءَ قوم جي اڳيان خداوند جي واکاڻ ڪندي چيو تہ ”اي خداوند، اسان جي پيءُ يعقوب جا خدا! ازل کان ابد تائين تنهنجي واکاڻ هجي.
پوءِ دائود سڄيءَ قوم کي چيو تہ ”خداوند پنهنجي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ سو انهن سڀني خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واکاڻ ڪئي. پوءِ هنن جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو ۽ بادشاهہ جي تعظيم ڪئي.
بيشڪ خدا اهڙا تہ وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن، هائو، سندس عجيب ڪمن کي شمار ئي نہ ٿو ڪري سگھجي.
هو اهڙا تہ وڏا وڏا ۽ بيشمار عجيب ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن.
شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا، ازل کان ابد تائين سڳورو هجي، سڀيئي ماڻهو چون ”آمين.“ خداوند جي واکاڻ ڪريو.
انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جيڪو اڪيلو ئي وڏا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.
شل خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي! ازل کان وٺي ابد تائين شال سندس واکاڻ هجي! آمين، ثم آمين.
اي خدا! تون پنهنجيءَ مقدس جاءِ ۾ ڪيڏو نہ هيبتناڪ آهين، اي بني اسرائيل جا خدا! تون پنهنجيءَ قوم کي زور ۽ طاقت بخشين ٿو. شال خدا سڳورو هجي.
تون ئي تہ خدا آهين جيڪو عجيب ڪم ڪرين ٿو. تو قومن ۾ پنهنجي قدرت ظاهر ڪئي آهي.
تو پنهنجيءَ قدرت سان پنهنجي قوم، يعني يعقوب ۽ يوسف جي اولاد کي ڇڏايو آهي.
بيشڪ تون عظيم آهين ۽ تنهنجا ڪم عجيب آهن، ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي خدا آهين.
اوهين خداوند جي لاءِ ڪو نئون گيت ڳايو، ڇوجو هن عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريا آهن. هن پنهنجي زورآور هٿ، هائو، پنهنجي الاهي قدرت سان فتح حاصل ڪئي آهي.
اي خداوند! معبودن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ پاڪيزگيءَ ۾ اعليٰ ۽ افضل تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ حمد وَ ثنا ۾ هيبتناڪ ۽ معجزن ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟