13 مسڪين ۽ محتاج تي هو ڪهل ٿو ڪري، ۽ انهن جون جانيون بچائي ٿو.
13 هو غريب ۽ محتاج تي ڪهل ڪندو، ۽ محتاجن جي جان بچائيندو.
ڇاڪاڻ تہ تون مسڪين ماڻهوءَ جو ساڄو هٿ آهين، تانتہ کيس انهن کان بچائين، جيڪي سندس موت جون فتوائون ٿا ڏين.
آءٌ پنهنجي گم ٿي ويل رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ ڌڻ مان نڪري ويلن کي موٽائي آڻيندس. آءٌ عضوي ڀڳل رڍن ٻڪرين جا عضوا ٻڌي ٺيڪ ڪندس، ۽ بيمارن ۽ ڪمزورن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندس. مگر جيڪي ٻين جي حصي جو گاهہ کائي ٿلهيون متاريون ۽ زورآور ٿيون هونديون تن کي ڪُهي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سدائين انصاف ڪندڙ آهيان.
”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ هنن جا ملائڪ هر وقت منهنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رهن ٿا.
”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.