زبور 72:11 - Muslim Sindhi Bible11 سمورا بادشاهہ اچي سندس آڏو جھڪندا، ۽ سموريون قومون اچي سندس خدمت ڪنديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 هائو سڀيئي بادشاهہ هن جي اڳيان سجدو ڪندا: ۽ سڀ قومون سندس خدمت ڪنديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين، ۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو، ۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين. پر هاڻي آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود، ۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ اهي بادشاهہ ۽ حڪمران تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا. آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس. آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان، جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.