زبور 72:10 - Muslim Sindhi Bible10 ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ سوغاتون آڻيندا؛ ۽ صبا ۽ شيبا جا بادشاهہ نذرانا پيش ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين، ۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو، ۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين. پر هاڻي آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود، ۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ اهي بادشاهہ ۽ حڪمران تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا. آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس. آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان، جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“
بيشڪ اهي سامونڊي جهاز آهن، جيڪي ڏورانهن ملڪن کان پيا اچن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي سندن سون ۽ چانديءَ سميت پنهنجي شهر ڏانهن موٽائي پيا آڻين. انهن ۾ سڀني کان پهريائين ترسيس جا جهاز آهن. انهيءَ مان خداوند، تنهنجي خدا جو نالو روشن ٿئي ٿو. هائو، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي تعظيم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هن تو يروشلم جو شان وَ شوڪت بحال ڪيو آهي.