صدوق ڪاهن خداوند جي عهد جي صندوق واري تنبوءَ مان جيڪو زيتون جي تيل وارو سڱ آندو هو تنهن مان تيل کڻي سليمان کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪيائين. تڏهن هنن نفيلون وڄايون ۽ سڀني ماڻهن وڏي آواز سان چيو تہ ”بادشاهہ سليمان زندہ آباد!“
پر تو کي هڪڙو پٽ ڄمندو جيڪو صلح پسند هوندو ۽ آءٌ کيس سڀني آسپاس وارن دشمنن کان آرام ڏيندس. هن جو نالو سليمان هوندو ۽ آءٌ هن جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ بني اسرائيل کي امن ۽ سلامتي ڏيندس.
سو هاڻي مون کي ڏاهپ ۽ علم عطا ڪر تہ جيئن آءٌ صحيح نموني انهن جي اڳواڻي ڪري سگھان، نہ تہ تنهنجي هيڏي ساري قوم جي مٿان آءٌ ڪيئن انصاف سان حڪمراني ڪري سگھندس؟“