Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 71:7 - Muslim Sindhi Bible

7 گھڻن ماڻهن جي نظر ۾ آءٌ حيرانيءَ جو سبب بڻيو آهيان، پر تون ئي تہ آهين جيڪو منهنجي مضبوط پناهہ بڻيو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 آءٌ گهڻن جي نظر ۾ حيرانيءَ جو سبب ٿيو آهيان؛ پر تون منهنجي مضبوط پناهہ آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 71:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون هڪ اهڙو مضبوط منارو آهين، جيڪو دشمن کان بچڻ جي لاءِ منهنجي پناهہ آهين.


بيشڪ منهنجو بچاءُ، ۽ منهنجو شان وَ شوڪت خدا جي طرفان ئي آهي. اهو ئي منهنجو مضبوط محافظ آهي، هائو، خدا ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي.


اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين هر وقت انهيءَ تي ئي ڀروسو رکو. اوهين پنهنجي دل جون ڳالهيون خدا آڏو کولي رکو، هو ئي تہ اسان جي پناهہ آهي.


سڀيئي انسان پوءِ ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ، سي بي‌بقا ۽ رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن. جيڪڏهن اهي تارازيءَ ۾ توريا وڃن تہ بلڪل ئي هلڪا نڪرن. هائو، اهي سڀ جو سڀ هڪ ڦوڪ کان بہ هلڪا آهن.


ڏسو، آءٌ ۽ منهنجا اهي ٻار جيڪي خداوند مون کي عطا ڪيا آهن، سي بني اسرائيل لاءِ قادرِمطلق خداوند جي طرفان جيئريون جاڳنديون نشانيون ۽ پيغام آهيون، هائو، انهيءَ خداوند جا جنهن جو تخت صيئون جبل تي آهي.


اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہ‌گاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.


خداوند جي ملائڪ يشوع کي تاڪيد ڪندي چيو تہ


هاڻي اي سردار ڪاهن يشوع! تون ۽ تنهنجا ماتحت ڪاهن، جيڪي تنهنجي نگرانيءَ ۾ خدمت ڪندا آهن سي ٻڌو. اوهان جي ڪاهن طور بحالي اچڻ وارين برڪتن جي نشاني آهي تہ آءٌ پنهنجي چونڊيل هڪڙي ٻانهي کي بادشاهہ بڻائڻ وارو آهيان جنهن کي نئون ڦٽندڙ سلو سڏيو ويندو.


پوءِ شمعون انهن لاءِ برڪت گھري ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو خدا جي طرفان تنبيهہ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا،


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري تعليم هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو عيسيٰ جا ساٿي آهن.


اٽلندو منهنجي خيال ۾ خدا اسان رسولن کي سڀ کان هيٺاهون ڪري انهن ماڻهن وانگر پيش ڪيو آهي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو هجي. هائو، اسين ماڻهن توڙي فرشتن لاءِ، بلڪ سڄي دنيا لاءِ هڪ تماشو بڻايا ويا آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ