هاڻ جڏهن آءٌ اوهان وٽان هليو ويندس تڏهن خبر ناهي تہ خداوند جو روح اوهان کي ڪيڏانهن کڻي وڃي. جيڪڏهن آءٌ اخياب کي وڃي ٻڌايان ۽ هو اوهان کي لهي نہ سگھي تہ پوءِ هو مون کي مارائي ڇڏيندو. پر آءٌ اوهان جو خادم ننڍي هوندي کان خداپرست رهيو آهيان.
سندس بادشاهيءَ جي اٺين سال جڏهن هو اڃا ننڍو هو تڏهن کان وٺي هو پنهنجي وڏي دائود جي خدا جي طلب ۾ رهڻ لڳو. هن پنهنجي بادشاهيءَ جي ٻارهين سال کان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ کي غير معبودن جي پوڄا گھرن، يسيرہ ديويءَ جي مورتين، ۽ ٻين سڀني بتن کان پاڪ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو.
انهيءَ کان اڳ جو اوهان تي ڏکيو وقت اچي پوي ۽ موت جا ڏينهن ويجھا اچي وڃن، اوهين جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي پنهنجي خالق کي ياد ڪندا رهو. پوءِ اوهين ائين نہ چوندا تہ ”هاڻي اسان لاءِ ڪابہ خوشي نہ رهي آهي.“
تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد ۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين! تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا. هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا، جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.
هو جن جن کي بہ هٿ پئي آيا آهن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي. سندن اهي دشمن چون ٿا تہ ’اسين قصوروار ناهيون. هو انهيءَ ڪري تباهہ ٿيا آهن، جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، جيڪو سندن امن وَ خوشحاليءَ جي جاءِ ۽ سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.‘
هاڻ جڏهن تہ اوهين ايمان تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ خدا اوهان کي خوشيءَ ۽ سلامتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي.