زبور 71:22 - Muslim Sindhi Bible22 اي منهنجا خدا! آءٌ سارنگي وڄائي، تنهنجي وفا جي واکاڻ ڪندس. اي بني اسرائيل جا پاڪ معبود! آءٌ دنبورو وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible22 اي منهنجا خدا آءٌ ساز وڄائي تنهنجي سچائيءَ جي ساراهہ ڪندس: اي اسرائيل جا قدوس، آءٌ بربط وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،
بيشڪ اهي سامونڊي جهاز آهن، جيڪي ڏورانهن ملڪن کان پيا اچن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي سندن سون ۽ چانديءَ سميت پنهنجي شهر ڏانهن موٽائي پيا آڻين. انهن ۾ سڀني کان پهريائين ترسيس جا جهاز آهن. انهيءَ مان خداوند، تنهنجي خدا جو نالو روشن ٿئي ٿو. هائو، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي تعظيم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هن تو يروشلم جو شان وَ شوڪت بحال ڪيو آهي.