Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 71:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اي خدا! تنهنجي سچائي آسمان کان بہ بلند آهي. اي خدا! تو ڪيڏا نہ وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، ڪير آهي جيڪو تنهنجي برابري ڪري سگھي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 اي خدا تنهنجي سچائي ڏاڍي بلند آهي؛ تو وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، اي خدا، تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 71:19
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ خدا اهڙا تہ وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن، هائو، سندس عجيب ڪمن کي شمار ئي نہ ٿو ڪري سگھجي.


مون بابت تنهنجو ايڏو علم مون لاءِ نهايت عجيب آهي. هائو، اهو بلند وَ بالا آهي جنهن تائين آءٌ پهچي نہ ٿو سگھان.


آءٌ پوري دل وَ جان سان تنهنجي واکاڻ ڪندي چوندس تہ ”اي خداوند! تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. تون ئي ڪمزورن کي زورآورن جي هٿن منجھان ڇڏائين ٿو. تون ئي غريبن ۽ محتاجن کي ڦُرمار ڪندڙن کان بچائين ٿو.“


اي خدا! تنهنجي دائمي شفقت ڪيڏي نہ بيش‌بها آهي! بني آدم تنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ پناهہ وٺن ٿا.


ڇاڪاڻ تہ تنهنجو رحم آسمانن تائين ٽمٽار آهي. بيشڪ تنهنجي وفا عظيم آهي، جيڪا بادلن تائين ڀريل آهي.


شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا سڳورو هجي! رڳو اهو ئي تہ اهڙا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو.


اي منهنجا رب! معبودن ۾ ڪوبہ تو جهڙو نہ آهي، ۽ نہ وري تنهنجي ڪمن جهڙا ڪنهن ٻئي جا ڪم آهن.


اي خداوند! معبودن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ پاڪيزگيءَ ۾ اعليٰ ۽ افضل تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ حمد وَ ثنا ۾ هيبتناڪ ۽ معجزن ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟


عقلمند ماڻهو اهڙو رستو اختيار ٿا ڪن، جيڪو کين زندگيءَ ڏانهن وٺيو وڃي. هو اهو رستو نہ ٿا وٺن جيڪو موت ڏانهن وٺيو وڃي.


ڏاهپ واريون ڳالهيون بي‌وقوفن جي سمجھہ کان گھڻو مٿي آهن. اهم معاملن بابت صلاح مشوري وقت هو ڪا سٺي صلاح نہ ٿا ڏيئي سگھن.


سو اوهين خدا کي ڪنهن سان ڀيٽي سگھو ٿا؟ ڪهڙيءَ شيءِ سان اوهين سندس مشابهت ڪندا؟


سو پاڪ خدا فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اوهين ڪنهن سان منهنجي ڀيٽ ڪندا؟ ڇا ڪو منهنجي برابر ٿي سگھي ٿو؟“


بيشڪ قادرِمطلق خداوند عدل ڪرڻ سان پنهنجي عظمت کي ظاهر ڪري ٿو. هائو، هن جي انصاف وارن ڪمن مان سندس پاڪائي پڌري ٿئي ٿي.


جيئن آسمان زمين کان اوچو آهي، تيئن ئي منهنجا رستا اوهان جي رستن کان، ۽ منهنجا خيال اوهان جي خيالن کان بلند آهن.


اي قومن جا بادشاهہ! ڪير نہ تنهنجو خوف رکندو؟ ڇو تہ رڳو تون ئي انهيءَ لائق آهين. قومن جي سڀني دانائن ۾، ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


ڇاڪاڻ تہ قادر مون لاءِ عظيم ڪم ڪيا آهن. هن جو نالو پاڪ آهي.


’اي خداوند خدا! تو پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي عظمت ۽ قدرت ڏيکارڻ جي تہ رڳو شروعات ڪئي آهي. سو آسمان يا زمين تي ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جيڪو تو جهڙا ڪم ڪري ۽ قدرتون ڏيکاري سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ