Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 71:15 - Muslim Sindhi Bible

15 آءٌ سڄو ڏينهن ڇڏائڻ وارين تنهنجي ڀلائين جو بيان پيو ڪندس. هائو، انهن جي شمار جو ڪو ئي بہ اندازو ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 منهنجو وات سڄو ڏينهن تنهنجيءَ راستبازيءَ ۽ نجات جو بيان ڪندو، ڇالاءِ جو انهي جي شمار جي مون کي خبر ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 71:15
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڌرتيءَ جا سڀ رهاڪؤ! خداوند جي واکاڻ ڳايو، اوهين روزانو سندس بچائڻ واري ڪم جو بيان ڪندا رهو.


روزانو آءٌ تو کي برڪت وارو چوندو رهندس، ۽ تنهنجي نالي جي سدائين واکاڻ ڪندو رهندس.


تان‌تہ آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي تعريف ڳائيندو رهان. اي خداوند، منهنجا خدا! آءٌ هميشہ هميشہ تنهنجو شڪر پيو ڪندس.


تڏهن منهنجيءَ زبان تي تنهنجي سچائيءَ جو ذڪر هوندو، ۽ سڄو ڏينهن آءٌ تنهنجي تعريف پيو بيان ڪندس.


آہ! مون کي لاتعداد تڪليفون چوڌاري وڪوڙي ويون آهن! منهنجا گناهہ مٿي جي وارن کان بہ وڌيڪ آهن، جن مون کي چوڌاري اهڙو تہ وڪوڙي ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجو رستو لهي نہ ٿو سگھان. سو منهنجي دل ٽُٽي پيئي آهي.


اي خداوند، منهنجا خدا! تو گھڻا ئي عجيب ڪم ڪيا آهن. اسان جي لاءِ تدبيرون ڪرڻ ۾ تو مثل ڪو ئي ناهي. اسان لاءِ تنهنجا ڪيل ڪم ايترا تہ بي‌شمار آهن، جو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي بہ انهن سڀني کي بيان ڪري نہ ٿو سگھان.


تون قرباني يا نذرانو ڪونہ ٿو چاهين، نڪي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا ساڙڻ واري قرباني ئي تو گھري آهي. بلڪ تو منهنجا ڪن کولي ڇڏيا آهن، تان‌تہ تنهنجي ٻڌي آءٌ فرمانبرداري ڪريان.


تون نہ ڪنهن نذراني کان نڪي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪرڻ کان خوش ٿو ٿئين، نہ تہ آءٌ اهي ئي پيش ڪريان.


منهنجي زبان سڄو ڏينهن تنهنجي سچائيءَ جو بيان ڪندي رهندي، ڇو تہ جن منهنجو نقصان پئي چاهيو، سي شڪست کائي خوار خراب ٿيا آهن.


منهنجو وات تنهنجيءَ واکاڻ سان هر دم ڀرپور رهي ٿو. هائو، آءٌ سڄو ڏينهن تنهنجي عظمت بيان ڪندو رهان ٿو.


پر مون لاءِ اهو چڱو آهي جو آءٌ تو کي ويجھو ٿيان. تو خداوند خدا کي ئي مون پنهنجي پناهہ بڻايو آهي، تان‌تہ آءٌ تنهنجي سڀني ڪيل ڪمن جو بيان ڪريان.


اسين تنهنجي نالي جي ڪري سڄو ڏينهن خوشيون ڪيون ٿا، ۽ تنهنجي ڪيل ڀلائيءَ جي ڪري بيحد خوش ٿيون ٿا.


تہ جيئن مناسب هلت ڪرڻ بابت ڄاڻو ۽ اوهان جي ڳالهائڻ مان ظاهر ٿئي تہ اوهين ڄاڻ رکو ٿا.


اي ٻڌڻ وارؤ! اوهين کوهن وٽ ڳائڻ وارن جو آواز ٻڌو، اهي بہ خداوند جي سوڀ بيان ٿا ڪن، هائو، اها ئي سوڀ جيڪا اسان جي جنگي جوڌن حاصل ڪئي. اها سوڀ ان وقت ملي جڏهن خداوند جي قوم اُٿي کڙي ٿي، ۽ شهر جي دروازن کان هيٺ لهي آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ