14 پر آءٌ سدائين تو ۾ پنهنجي اميد پيو رکندس، ۽ تنهنجي واکاڻ وڌ کان وڌ پيو ڪندس.
14 پر آءٌ سدائين اُميد رکندس، ۽ توکي وڌيڪ ساراهيندو رهندس.
توڙي جو هو مون کي کڻي ڪهي بہ ڇڏي، خير آهي، هاڻي مون وٽ بچيو ئي ڇا آهي جو آءٌ ڊڄان، سو آءٌ هن جي اڳيان پنهنجي واٽن جو بچاءُ ضرور ڪندس.
اي بني اسرائيل وارؤ! پنهنجو ڀروسو خداوند تي رکو، ڇوجو هن وٽ دائمي ٻاجھہ ۽ جھجھو ڇوٽڪارو آهي.
هاڻ مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بيقراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.
منهنجي ڄمڻ کان وٺي منهنجو اعتماد تو تي رهيو آهي. تون مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي سنڀاليندو رهيو آهين. آءٌ سدائين تنهنجي تعريف پيو ڪندس.
تنهن هوندي بہ جڏهن آءٌ خدا جي باري ۾ هيءَ ڳالهہ ياد ڪريان ٿو، تڏهن مون ۾ آس ۽ اميد وري موٽيو اچي.
سو منهنجي دل چوي ٿي تہ جيئن تہ خداوند پنهنجي لاءِ مون کي وقف ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري منهنجي اميد آسرو انهيءَ ۾ ئي آهي.
جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن ۽ سندس ئي طالبو آهن، تن سڀني تي هو ڏاڍو مهربان آهي.
اسان لاءِ اهو ڪافي آهي جو اسين صبر سان انتظار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اسان کي مصيبتن کان بچائيندو.
سو منهنجي دعا آهي تہ ڄاڻ ۽ هر طرح جي سمجھہ سان گڏوگڏ اوهان ۾ محبت گھڻي کان گھڻي وڌندي وڃي،
اهو پيار اوهين سچ پچ پوري مڪدُنيا صوبي جي سڀني ايمان وارن سان بہ ڪريو ٿا. تڏهن بہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.
سو هاڻي اوهين پنهنجي انهيءَ اعتماد کي هٿان وڃڻ نہ ڏيو، جنهن جو اجر عظيم آهي.
تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ ڇوٽڪاري واري انهيءَ فضل تي پوري اميد رکو جيڪو عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪيو ويندو.
ان جي بدران اوهين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي عظمت جي واکاڻ هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.
جنهن کي بہ مسيح ۾ اهڙي اميد آهي، سو پاڻ کي اهڙو پاڪ ڪري جهڙو مسيح پاڪ آهي.