Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 71:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اهي هيئن چون ٿا تہ ”خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي. سو هن جي پٺيان پئي کيس پڪڙيو، ڇوجو کيس ڇڏائڻ وارو ڪوئي ڪونهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اهي چون ٿا تہ خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي: هن جي پٺيان پئو؛ ۽ جهليوس؛ ڇو تہ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونهيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 71:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪيترائي آهن جيڪي مون لاءِ هيئن ٿا چون تہ ”هن کي خدا وٽان ڪابہ مدد ڪانہ ملندي.“


مون پنهنجي جوانيءَ کان وٺي پوڙهي ٿيڻ تائين ڪڏهن بہ سچار ماڻهن کي وساريل ڪين ڏٺو آهي، نڪي سندن اولاد کي مانيءَ جي ٽڪر لاءِ پنندو ڏٺو اٿم.


جيئن تہ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪري، سو هو پنهنجي نيڪ بندن کي ڇڏي ڪين ٿو ڏئي. بيشڪ سچارن جي هميشہ حفاظت ڪئي ويندي، پر بڇڙن ماڻهن جو نسل برباد ڪيو ويندو.


منهنجي هڏين ۾ ڄڻ تير ٿا چڀن، ڇاڪاڻ تہ منهنجا دشمن هر وقت مون کي طعنا هڻندي چون ٿا تہ ”تنهنجو خدا آهي ڪٿي؟“


اي اوهين! جيڪي مون خدا کي وساريو ٿا، سي هڪ ڳالهہ تي غور ڪريو، نہ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي چيري ڦاڙي ڇڏيان، ۽ اوهان کي ڪو ڇڏائڻ وارو بہ نہ هجي. اها ڳالهہ هيءَ آهي تہ


ائين نہ ٿئي جو اهي بگھڙ وانگر اچي مون کي پڪڙين ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين، جتي مون کي بچائڻ وارو بہ نہ هجي.


هاڻي ٻڌو، جيڪڏهن اوهين هينئر بہ آمادہ آهيو تہ انهن سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌڻ سان هن سوني مورتيءَ کي سجدو ڪريو تہ چڱو، پر جي اوهان ائين نہ ڪيو تہ هن ئي گھڙيءَ اوهان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو. پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اهو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي ٿو.“


ٽي بجي ڌاري عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ يعني ”منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“


پر ٻين کيس چيو تہ ”ترس، ڏسون تہ الياس هن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“


سائول کي جڏهن خبر پيئي تہ دائود قعيلہ شهر ۾ آيو آهي، تڏهن هو چوڻ لڳو تہ ”خدا دائود کي منهنجي چنبي ۾ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو اهڙي شهر ۾ اچي گھڙيو آهي جنهن کي چوڌاري ڪوٽ آهي، سو هو هاڻي قيد ۾ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ