Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 71:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي خداوند! آءٌ تنهنجي پناهہ ٿو وٺان. مون کي تون ڪڏهن بہ شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي خداوند منهنجو ڀروسو توتي آهي: مون کي ڪڏهن بہ شرمندو ٿيڻ نہ ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 71:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حزقياہ جو يقين خداوند، بني اسرائيل جي خدا تي ئي هو. هن کان اڳ ۾ يا هن کان پوءِ يهوداہ جو ڪوبہ اهڙو وفادار بادشاهہ نہ ٿيو.


جنگ ۾ خدا جي مدد ساڻن هئي، سو خدا سڀني هاجرين ۽ انهن جي اتحادين کي سندن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ دوران هنن خدا کي ٻاڏايو. خدا سندن دعا ٻڌي، ڇاڪاڻ تہ هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.


جن جو خداوند تي ڀروسو آهي سي صيئون جبل جيان آهن، جنهن کي ڪو لوڏو نہ ٿو اچي ۽ جيڪو هميشہ لاءِ قائم آهي.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جن جو مددگار يعقوب جو خدا آهي، ۽ جن کي خداوند پنهنجي خدا تي ئي اميد آسرو آهي.


تو ئي سندن پڪار ٻڌي کين هر مصيبت مان ڇڏايو. هنن تو تي پورو ڀروسو رکيو ۽ هو شرمندا نہ ٿيا.


پر بني اسرائيل کي خداوند بچايو آهي، بلڪ هميشہ جي لاءِ بچائي ورتو آهي. سو اهي ابد تائين ڪڏهن بہ پريشان يا خوار خراب نہ ٿيندا.


بلڪ جيڪي مون کي ستائن ٿا تن کي ذليل وَ خوار ڪر، پر مون کي انهيءَ حالت کان بچاءِ. هائو، تون هنن کي دهشت ۾ وجھي ڇڏ، پر مون کي دهشت کان بچاءِ. هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ مٿن تباهيءَ مٿان تباهي نازل ڪر.


اهو پٿر عيسيٰ آهي، جنهن بابت خدا پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


هن ڪري جو پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ هڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو مخصوص، قيمتي ۽ پيڙهہ جو پٿر آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ