Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 70:4 - Muslim Sindhi Bible

4 شل تنهنجا سڀ طالبو تنهنجي ڪمن ڪري خوشيون ڪن ۽ سرها ٿين! جيڪي تنهنجي طرفان ڇڏائڻ جا سڪايل آهن، شل سي سدائين پيا چوندا رهن تہ ”خدا ڪيڏو نہ عظيم آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جيڪي توکي ڳولين ٿا سي تو ۾ خوشي ڪن ۽ سرها ٿين؛ ۽ جيڪي تنهنجي نجات کي پسند ٿا ڪن سي هميشہ چوندا رهن تہ خدا جي تمجيد هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 70:4
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي منهنجي سچي معاملي جي تائيد ٿا ڪن، شل سي خوش ۽ سرها ٿين! ۽ سدائين هيئن پيا چوندا وتن تہ ”خداوند جي واکاڻ هجي، جيڪو پنهنجي ٻانهي جي ڀلائيءَ سببان خوش ٿو ٿئي.“


شل تنهنجا سڀ طالبو تنهنجي ڪمن ڪري خوشيون ڪن ۽ سرها ٿين! جيڪي تنهنجي طرفان ڇڏائڻ جا سڪايل آهن، شل سي سدائين پيا چوندا رهن تہ ”خداوند ڪيڏو نہ عظيم آهي!“


پر جيڪي تو وٽ پناهہ ٿا وٺن، سي سڀيئي شل شادمان ٿين! اهي سدائين خوشيءَ وچان گيت پيا ڳائيندا وتن. تون انهن کي بچاءِ تہ هو تو سان گڏ شادمان رهن، هائو، اهي ئي جيڪي تنهنجي نالي سان پيار ٿا ڪن.


سو اي سچارؤ! خداوند جي ڪري اوهين خوشي ڪريو. اوهين پاڪ خدا جو شڪرانو بجا آڻيو.


خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس، ۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي. انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي، يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي، تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي، ۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس.


جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن ۽ سندس ئي طالبو آهن، تن سڀني تي هو ڏاڍو مهربان آهي.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا رڙندا، جڏهن تہ دنيا خوش ٿيندي. اوهين غمگين تہ ٿيندا پر اوهان جو غم خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ