Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 70:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جيڪي منهنجي جان وٺڻ چاهين ٿا، سي سڀ شل خوار خراب ٿين ۽ منجھي پون! جيڪي مون کي نقصان پهچائڻ ٿا چاهين، شل سي ذليل وَ خوار ٿي پٺ ڏيئي ڀڄيو وڃن!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهن سي شرمندا ٿين، ۽ منجهي پون: جيڪي منهنجي نقصان ۾ خوش ٿا ٿين سي پٺ تي هٽن ۽ بدنام ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 70:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل تون منهنجي دشمنن کي ذلت ۽ خواريءَ سان ڍڪي ڇڏين! بلڪل ائين جيئن بدن مٿان چادر ڍڪبي آهي.


اي خداوند! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، تون منهنجي فرياد تي پنهنجو ڪن ڏي، ۽ جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.


گھڻن دشمنن ويڙهاڪن ڏاندن جيان منهنجو اچي گھيرو ڪيو آهي. هائو، بسن ملڪ جي زورآور ڏاندن جيان هو مون کي وڪوڙي ويا آهن.


تون اچي منهنجي جان کي تلوارن کان ڇڏاءِ. تون هنن ڪتن جي چڪ منجھان منهنجي قيمتي حياتي اچي بچاءِ.


منهنجي مصيبت جي ڪري جيڪي خوشيون ٿا ملهائين، شل سي سڀ جو سڀ خوار خراب ۽ پريشان ٿين! هائو، منهنجي خلاف جيڪي پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شل ذليل وَ خوار ٿين!


جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ گھرن ٿا، سي شل شرمندا ۽ خوار خراب ٿين! جيڪي مون لاءِ سازش سِٽن ٿا، سي شل پٺتي هٽي پريشان ٿي وڃن!


جيڪي منهنجي جان کي برباد ڪرڻ ٿا چاهين، سي سڀ شل خوار خراب ٿين ۽ منجھي پون! جيڪي مون کي نقصان پهچائڻ ٿا چاهين، شل سي ذليل وَ خوار ٿي پٺ ڏيئي ڀڄيو وڃن!


منهنجا سڀ دشمن خوار خراب ٿيندا، ۽ کين ڏاڍي دهشت وٺي ويندي. اُهي پوئتي هٽي ويندا ۽ گھڙيءَ کن ۾ ذليل وَ خوار ٿيندا.


اي خدا! تون مون کان پري نہ ٿيءُ، اي منهنجا خدا! جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.


جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين سي شل ذليل وَ خوار ٿين. هائو، جيڪي مون تي تهمتون ٿا هڻن، سي شل خوار خراب ٿي ناس ٿي وڃن.


سو هاڻي هو پاڻ اوهان کي ”امان ابا، امان ابا،“ جهڙو سبق سيکاريندو، اهو هي هوندو جو اوهين وک وک تي ٿاٻو کائي ڪرندا، زخمي ٿيندا، ڦاسايا ويندا ۽ گرفتار ڪيا ويندا.


ڏسو، جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن، سي سڀ ذليل وَ خوار ۽ شڪست‌خوردہ ٿيندا. جيڪي اوهان سان وڙهن ٿا، سي حقير بڻائي ناس ڪيا ويندا.


جيئن ئي عيسيٰ کين چيو تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان،“ تيئن اهي پوئتي هٽي وڃي زمين تي ڪري پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ