1 اي خدا! مون تي ٻاجھہ ڪري اچي مون کي ڇڏاءِ. اي خداوند! هاڻي جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.
1 اي خدا منهنجي ڇڏائڻ لاءِ سيگهہ ڪر؛ اي خدا منهنجي مدد ڪرڻ واسطي جلدي ڪر.
اي خداوند! منهنجي جلدي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان. تون مون کان منهن نہ موڙ، متان آءٌ مئلن جيان قبر ۾ وڃي پوان.
اي خداوند! پنهنجي ڪاوڙ ۾ مون کي ڇينڀڻ بند ڪر، هائو، پنهنجي غصي ۾ مون کي سيکت ڏيڻ کان درگذر ڪر.
اي خدا! اچ، اچي منهنجي جان ڇڏاءِ، ۽ منهنجي دشمنن کان مون کي بچاءِ.
اي خدا! تون مون کان پري نہ ٿيءُ، اي منهنجا خدا! جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.